222

ٽڪ ٽاڪ انتظاميا پاران آن لائن رقم جي ادائيگي جي سهولت متعارف ڪرائڻ جو اعلان

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) ناليواري وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ آن لائن ادائيگي جي سهولت متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيني ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٽڪ ٽاڪ جي سربراهه بائٽ ڊانس ٻڌايو ته ان آن لائن سروس جي ذريعي صارفين کي ادائيگي لاءِ صرف آرڊر ڪرڻو پوندو جنهن بعد سندس اڪائونٽ ۾ موجود رقم پاڻ ئي شيون وڪرو ڪرڻ واري اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ٿي ويندي. هن چيو ته صارفين جي سهولت لاءِ تازن قدمن سان کين رقمن جي ادائيگي ۾ آساني ٿيندي ۽ ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿيندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته في الحال اها سروس صرف اسان جي ملڪ چين جي صارفين لاءِ ئي ميسر هوندي، ان بعد سڄي دنيا ۾ ان کي ڦهلايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو