214

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس هڪ ئي ڏينهن 22 جنوري تي گهرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته حڪومت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس جمعي جي صبح منعقد ٿيندا. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ هن وزيراعظم سان مشاورت ڪئي آهي، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس هڪ ئي ڏينهن گهرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم کي عوام رستن تي رد ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ هاڻي هائوس ۾ واپس اچي وڃن، انتشار بدران عملي ۽ عوامي خدمت لاءِ ايوان ۾ ڪردار ادا ڪن، هن چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 جنوري جمعي جي صبح طلب ڪيو ويو آهي، سينيٽ جو اجلاس صبح 10 وڳي ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس ساڍي 10 وڳي ٿيندو، اجلاس گهرائڻ کان اڳ اين سي او سي کان تحريري هدايتون به ورتيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو