171

وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو اعلان، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سنئون سڌو ڏيکاريو وڃي: وزيراعظم

وانا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سنئون سڌو ڏيکاريو وڃي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر جي پارٽين کي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن، لاڳاپا خراب ٿيڻ جي ڪري انهن ملڪن جا نالا نٿو وٺي سگهان. ڏکڻ وزيرستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس کڻڻ تي مخالف ڌر جو شڪرگذار آهيان، اهو سڀ ڪجهه سامهون اچڻ گهرجي، تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي فنڊنگ ڪٿان ٿئي ٿي، سڄي دنيا ۾ سياسي پارٽيون فنڊنگ ڪنديون آهن، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سنئون سڌو ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، هن ڪيس سان سڄي قوم کي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ بهتر نموني سان پئسا گڏ ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اماڻيل پئسن سان هي ملڪ هلي ٿو، مون شوڪت خانم اسپتال جي فنڊنگ سمنڊ پار پاڪستانين مان ڪئي، چئلينج ڪريان ٿو ته سياسي فنڊ ريزنگ رڳو تحريڪ انصاف ڪئي آهي. مخالف ڌر کي خبر آهي ۽ مان به ڄاڻان ٿو ته فارن فنڊنگ ڪهڙي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين فارن فنڊنگ ناهي ڪئي، ڪيترائي ملڪ ان پارٽين کي پئسا ڏيندا رهيا، انهن ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيڻ سبب ٻڌائي نٿو سگهان. مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان مدرسن جي ٻارڙن کي استعمال ڪري حڪومتن کي بليڪ ميل ڪندو آهي، ان جي اربين رپين جي ملڪيت ڪٿان آئي؟ هو اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، عوام سمجهدار آهي، ڪنهن جي چوري بچائڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندو، هي اسان جي عوام جي سياسي سوچ کي نٿا سمجهن. ان کان اڳ وانا ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو