165

فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، جنرل (ر) پرويز مشرف طاقتور حڪمران هوندي به گوڏا کوڙي اين آر او ڏنو پر آئون نه ڏيندس: عمران خان

وانا ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سنئون سڌو ڏيکاريو وڃي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر جي پارٽين کي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن، لاڳاپا خراب ٿيڻ جي ڪري انهن ملڪن جا نالا نٿو وٺي سگهان. ڏکڻ وزيرستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس کڻڻ تي مخالف ڌر جو ٿورائتو آهيان، اهو سڀ ڪجهه سامهون اچڻ گهرجي، تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي فنڊنگ ڪٿان ٿئي ٿي، سڄي دنيا ۾ سياسي پارٽيون فنڊنگ ڪنديون آهن، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سنئون سڌو ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، هن ڪيس سان سڄي قوم کي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ بهتر نموني سان پئسا گڏ ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اماڻيل پئسن سان هي ملڪ هلي ٿو، مون شوڪت خانم اسپتال جي فنڊنگ سمنڊ پار پاڪستانين مان ڪئي، چئلينج ڪريان ٿو ته سياسي فنڊ ريزنگ رڳو تحريڪ انصاف ڪئي آهي. مخالف ڌر کي خبر آهي ۽ مان به ڄاڻان ٿو ته فارن فنڊنگ ڪهڙي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين جي فنڊنگ فارن فنڊنگ نه آهي، ڪيترائي ملڪ هنن پارٽين کي پئسا ڏيندا رهيا، انهن ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيڻ سبب ٻڌائي نٿو سگهان. مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان مدرسن جي ٻارڙن کي استعمال ڪري حڪومتن کي بليڪ ميل ڪندو آهي، ان جي اربين رپين جي ملڪيت ڪٿان آئي؟ هو اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، عوام سمجهدار آهي، ڪنهن جي چوري بچائڻ لاءِ ٻاهر نه نڪرندو، هي اسان جي عوام جي سياسي سوچ کي نٿا سمجهن. ان کان اڳ وانا ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان  چيو ته آئون اوهان سان سچ ئي ڳالهائيندس، اهڙو ڪو به واعدو نه ڪندس جيڪو پورو نه ڪري سگهان. ماڻهو پڇن ٿا ته ڪٿي آهي مديني واري رياست؟ هن وڌيڪ چيو ته  تبديلي ۽ سڌارا تڪليف ڏيندڙ به ٿيندا آهن. مديني واري رياست لاءِ به ٻه سال ڏاڍا ڏکيا هئا، امت خطري ۾ پئجي وئي هئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ انقلاب جي شروعات ٿي وئي آهي. چورن جا ٽولا گڏ جي ويا آهن انهن جا منهن ڏسو ته ان مان ئي پتو پئجي ويندو ته انقلاب جي شروعات ٿي وئي آهي.اسان جي لاءِ نئون دور شروع ٿي ويو آهي. جڏهن ڌاڙيل ملڪ جي سربراهي ڪندا ته پوءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، سماج جا وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن. هي چون ٿا ته اسان کي ڇڏيو ٻين چورن کي جهليو. پرويز مشرف صدر به هو آرمي چيف به هو،  فوج ۽ آمريڪا به ساڻس گڏ هئا، نيب، عدليه ۽ سڀ ادارا ماتحت هئس،  ايترو وڏو طاقتور هئڻ جي باوجود هو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هنن کي اين آر او ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويو. هن ڌاڙيلن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا. نواز شريف ۽ شهباز شريف جا پٽ ارب پتي ٿي ويا آهن اهو پئسو عوام جو ئي آهي، اسن قانون جي مٿڀرائي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ اسين اها جنگ کٽينداسين، ڪو به ملڪ قانون جي مٿڀرائي بنا ترقي نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي وزيراعظم وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.  ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي نئين صدر جو بائيڊن کي صدر ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي  چيو آهي ته آمريڪا جي نئين صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان، پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گهرون ٿا،  ڪرپشن خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن کي وڌائڻ گهرون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو