واشنگٽن ( م ڊ ) دنيا جي سڀ کان طاقتور ملڪ آمريڪا جي گهڻو تڪراري رهندڙ صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو صدارتي دور ختم ٿي ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ جوبائڊن صدارتي عهدو سنڀالي ورتو آهي. هن قسم کڻڻ کان پوءِ خطاب ڪندي ملڪ مان نسلي فرق ۽ دهشتگرديءَ جي مقابلي جو اعلان پڻ ڪيو آهي. اربعا ڏينهن نئين صدر جوبائيڊن جي صدر طور قسم کڻڻ جي تقريب ڪيپيٽل هل جي عمارت سامهو ن ٿي. قسم کڻڻ جي تقريب ۾ اڳوڻن صدرن براڪ اوباما، جارج بش سميت جوبائيڊن جي ويجهن ماڻهن ۽ اهم حڪومتي عهديدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪورونا جي ڪري پهريون ڀيرو آمريڪي صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ عام ماڻهن کي شرڪت ڪرڻ جي اجازت نه هئي ۽ عوام جي بدران انهن جي جاءِ تي ميدان ۾ 2 لک آمريڪي جهنڊا لڳايا ويا. ان موقعي تي قومي تراني کان پوءِ پهرين ڪاملا هيرس نائب صدر طور قسم کنيو جيڪا آمريڪا جي تاريخ جي پهرين عورت نائب صدر پڻ ٿي وئي آهي. ان کان پوءِ آمريڪا جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نئين صدر جوبائيڊن کي قسم کڻايو. قسم کڻڻ کان پوءِ پهريون خطاب ڪندي جو بائيڊن چيو ته اڄ جمهوريت ڪامياب ٿي آهي، اڄ جمهوريت جو ڏينهن آهي، اڄ اسين رڳو هڪ اميدوار ئي نه پر هڪ مقصد جي ڪاميابي ملهائي رهيا آهيون، آمريڪا کي آڏو آيل چئلنجن کي منهن ڏينداسين، اسان کي گهڻو ڪجهه ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ گهڻن ڦٽن تي پها رکڻا آهن، آئون آمريڪا جي آئين جي طاقت تي ڀروسو رکان ٿو، آمريڪي قوم عظيم آهي. هن وڌيڪ چيو ته نسلي فرق ختم ڪرڻ جي خواب کي هاڻي وڌيڪ ٽاري نه ٿو سگهجي، اڄ منهنجو روح قومي اتحاد ۽ نسلي اتحاد جي مقصد سان واڳيل آهي، اتحاد بنا رڳو نفرت ئي رهندي آهي، اڄ تاريخي گهڙي آهي، اسان کي نفرتون ختم ڪرڻيون پونديون. اسان کي هاڻي حقيقي معنيٰ ۾ متحد رياستن وارو آمريڪا ٿيڻو آهي، اسان کي نسلي فرق ۽ دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻو آهي، اسين هر رڪاوٽ کي شڪست ڏينداسين، پڪ اٿم ته آمريڪا هن کان وڌيڪ به بهتر ٿي سگهي ٿو، اڳ وانگر هاڻي به اسين سڀ گڏجي امن کي ممڪن ڪنداسين. ڄاڻان ٿو ته جيڪي اسان کي ورهائڻ گهرن ٿا سي طاقتور آهن ۽ اهي هڪ حقيقت پڻ آهن پر نوان نه آهن پنهنجي روح جي گهرائين سان آمريڪا کي ٻيهر متحد ڪنداسين، پڪ ٿو ڏياريان ته آئون سڀني جو ئي صدر ٿيندس، جن مون کي ووٽ ڏنا انهن جو ۽ جن نه ڏنا انهن جو پڻ صدر ٿيندس، اختلاف جهيڙو ڪرڻ بنا به نبيري سگهجن ٿا.اسان کي اها گهرو ويڙهه ختم ڪرائڻي آهي جنهن ۾ ڳاڙهي کي نيلي سان ويڙهايو وڃي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته اڄ آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت نائب صدر ٿي آهي.
164