152

وڏي وزير مراد شاهه خلاف نيب ريفرنس سياسي انتقام قرار، عدالت ۾ مقابلو ڪنداسينۡ: پيپلز پارٽي

ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي خلاف نيب ريفرنس سياسي انتقام قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان هن ڪيس جو عدالت ۾ مقابلو ڪنداسينۡ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير سعيد غني ۽ قانوني صلاحڪار ۽ حڪومتي ترجمان مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ريفرنس بابت ميڊيا ذريعي پتو پيو، جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته عدالت آڏو سموريون حقيقتون رکيون وڃن، اسان جاچ ادارن کان ڪڏهن ناهيون ڀڳا، وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف ڪنهن به جاچ جو مقابلو عدالت ۾ ڪنداسين، سنڌ حڪومت جي ساک کي خراب ڪرڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي، وڏو وزير متحرڪ آهي تڏهن ڪارروائي ٿئي پئي، هنن چيو ته صوبائي معاملن ۾ نيب کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا، وڏي وزير کي جيڪڏهن گهرايو ويو ته پيش ٿيندو، هنن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽرشپ تحت نوري آباد پاور پلانٽ جو منصوبو 15.2 ارب رپين جو آهي، جنهن مان جنوري 2018ع کان هن وقت تائين 1.3 ارب رپيا ان ڪمپني منافعو ڪمايو، جنهن جا تفصيل ڪي اليڪٽرڪ جي ويب سائيٽ تي موجود آهن، هنن چيو ته اهو نيب نيازي ڳٺ جوڙ آهي، ريفرنس ۾ ڪي به ثبوت ناهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو