170

ايم پي اي فريال ٽالپر جي ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري جتي هن سمورن شهيدن ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي ايثال ثواب جي لاءِ قرآن شريف جي تلاوت ۽ فاتح خواني ڪري مزارن تي گلن جون چادرون پڻ چاڙهيون. شهيدن جي مزارن تي حاضري ڏيڻ بعد فريال ٽالپر نئون ديرو هائوس رواني ٿي وئي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو