واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن عهدو سنڀاليندي ئي ڊونلڊ ٽرمپ پاران مسلم اڪثريت رکندڙ ڪجهه ملڪن تي لڳايل سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽن مطابق جوبائيڊن آمريڪا جي 46هين صدر جي حيثيت ۾ عهدي جو حلف کڻندي ئي مسلمانن تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ سميت 15 صدارتي حڪمنامن تي صحي ڪري ڇڏي آهي، ان مان اڪثر حڪم ناما ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري پاليسين کي ختم ڪرڻ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. جوبائيڊن جن صدارتي حڪم نامن تي صحي ڪئي آهي انهن ۾ مسلمانن تي سفري پابندين جو خاتمو، پيرس ماحولياتي معاهدي ۾ شموليت ۽ ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وارا حڪم ناما سرفهرست آهن. آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي شروعاتي حڪم نامي ۾ صحت جي عالمي اداري ۾ واپس وڃڻ جو اعلان به ڪيو، جنهن سان ڊونلڊ ٽرمپ اهو چئي عليحدگي اختيار ڪئي ته هي ادارو ڪورونا وائرس دوران چين سان سخت رويو رکندي ان کان پاسيرو نه پيو ٿئي. ان موقعي تي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته حڪم ناما ۽ هدايتون جاري ڪرڻ لاءِ وقت ضايع نٿا ڪري سگهون، اسان ڪورونا تي ضابطو آڻينداسين، ڪورونا سبب متاثر معيشت جي بحالي لاءِ امداد فراهم ڪنداسين، ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪنداسين ۽ نسلي برابري کي هٿي ڏينداسين. آمريڪي صدر پاران جاري ڪيل ٻين حڪمنامن ۾ اهم هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وائيٽ هائوس ۾ نئين آفيس جوڙڻ پڻ شامل آهي.
178