فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ڀرسان گشتي پوليس معمولي ڳالهه تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق نوجوان وقاص احمد جي ڪار جو ٽائر اي ايس آءِ جي پير تي چڙهي ويو، اهلڪارن بندوقون سڌيون ڪيون ته نوجوان ڊپ ۾ اچي گاڏي ڀڄائي، جنهن کانپوءِ پوليس ڪار جو پيڇو ڪندي گاڏي کي روڪيو، اهلڪارن نوجوان کي ڪار مان لاهي سخت تشدد بعد کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق فيصل آباد جي علائقي ڊجڪوٽ ۾ گشت دوران موجود اهلڪارن هڪ شڪي گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي پوليس گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان وقاص احمد مارجي ويو. واقعي جو پنجاب جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن واقعي ۾ ملوث اي ايس آءِ شاهد منظور سوڌو ٽن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر مطابق گشتي پوليس اهلڪار نوجوان وقاص کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش جي بيحرمتي پڻ ڪندا رهيا. سي پي او پاران واقعي جي رپورٽ آءِ جي پنجاب کي اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ شروعاتي جاچ مطابق گشتي پوليس اهلڪار ڏوهاري قرار ڏنا ويا آهن.
148