175

براڊشيٽ معاملو: قومي اسيمبليءَ جي اطلاعات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي نيب چيئرمين کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي اطلاعات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي براڊ شيٽ واري معاملي تي نيب چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اطلاعات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ براڊ شيٽ معاملي تي سخت بحث ٿيو. قومي اسيمبليءَ جي اطلاعات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي براڊ شيٽ معاملي تي نيب چيئرمين کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو. ان موقعي تي ڪميٽي چيئرمين جاويد لطيف جو چوڻ هو ته نيب چيئرمين کي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ٿي براڊ شيٽ ڪيس بابت تفصيلي بريفنگ ڏئي، اچي ٻڌائي ته براڊ شيٽ کي پئسا ڇو ۽ ڪيئن ڏنا ويا؟ اداري جي غلطي سبب عوام جي ٽيڪس مان اربين رپيا ڇو ادا ڪيا ويا؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو