143

ڏيپلي ۾ نوجوان جي تذليل، اختيارين کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

ڏيپلي ڀرسان 6 هٿياربندن نوجوان نٿو ڪولهي کي رستي تان اغوا ڪري ڊونڊيو ڳوٺ ڀرسان مبينا طور وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد ويهڪ واري هنڌ مرچ وجهي وڊيو ٺاهي ڇڏي آهي، متاثر نوجوان کي ڏيپلو تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، جتي سندس علاج هلندڙ آهي، بيرحمي جو شڪار ٿيندڙ نٿو ڪولهي صحافين کي ٻڌايو آهي ته آئون پنهنجي سالي کي موٽرسائيڪل تي ڳوٺ ڇڏي واپس ڏيپلو اچي رهيو هئس ته گگر جي واپاري پونجو، ڀيمون، هريش ۽ ٻين مون کي روڪي اغوا ڪيو ۽ ڊبل ڪئبن گاڏي ۾ وجهي ڊونڊيو ڳوٺ ڀرسان جهنگ ۾ کڻي وڃي انسانيت سوز تشدد ڪيو، هريش ۽ ٻين ويهڪ واري جاءِ ۾ مرچ وجهي وڊيو به ٺاهي آهي ۽ هنن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن تو ڪنهن کي ٻڌايو ته توکي ماري ڇڏينداسين، هن اهو به ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدارن منهنجي بيواهه ڀاڻيجي پرمي ٻائي کي لڄالٽ جو نشانو بڻائي سندس وار ڪوڙي تذليل ڪئي هئي، جنهن تي مون ميڊيا تي احتجاج ڪيو هو ۽ اهڙي احتجاج بعد پنچائتي فيصلي ۾ انهن مٿان ڏوهه پڻ ثابت ٿيو هو ۽ 50 هزار ڏنڊ رکيو ويو هو، جيڪو ڀرڻ کانپوءِ هنن پلاند خاطر منهنجي تذليل ڪري تشدد ڪيو آهي، ڄاڻايل ماڻهن اڳ به منهنجي ڏاڏي سان به اهڙي حرڪت ڪئي هئي ۽ هڪ پوليس جي صوبيدار کي به مارڪٽ ڪري اهڙو تشدد ڪيو هو، هيءَ ڪا عام واردات نه آهي پر جوابدارن جي مسلسل ڪاررواين جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته اهي عادي ڏوهاري ۽ تشدد پسند انسان آهن، جيڪي پاڻ کي ڪنهن به قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا، ٿر جيئن ته سنڌ جو هڪ پرامن خطو رهيو آهي ۽ عام طور تي ٿر ۽ ٿر واسين کي سنڌ ۾ امن جي نشاني طور سڃاتو ويندو آهي، ماروي جي ملڪ ۾ اهڙي واقعي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي، ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اهڙا واقعا مسلسل وڌي رهيا آهن، ان کان اڳ به لاڙڪاڻي ۽ اڪري چودڳي سميت ٻين شهرن ۾ انساني تذليل جا اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن پر بدقسمتي سان واقعن ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي ڪا به سزا نه اچي سگهي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته معاشري مان سزا ۽ جزا جو تصور ختم ٿيڻ سبب ان قسم جي ڏوهن سميت لڄالٽ جي واقعن ۾ رڪارڊ تيزي آئي آهي ۽ اهڙن واقعن جي جوابدارن کي سزا نه اچڻ جو سهرو وري اسان جي پوليس تي آهي، ڇو ته پوليس اهلڪار اڪثر اهڙن واقعن ۾ اڳتي اچي جوابدار گرفتار ناهن ڪندا پر جڏهن واقعو هاءِ لائيٽ ٿي ويندو آهي ته پوءِ مجبورن وڃي ڪيس داخل ڪندا آهن ۽ ان کي ايترو ته اينگهائي ڇڏيندا آهن جو ان جي سلجهڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن ۽ پوءِ وري ڪجهه بااثرن جي دٻاءَ ۽ اڪثر ڪري کيسو گرم ٿيڻ تي متاثر ڌر مٿان ئي ٺاهه لاءِ دٻاءَ وڌو ويندو آهي ۽ ڪيس کي فائلن ۾ بند ڪري وري جرڳائي ڀوتارن حوالي ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڄاڻايل ماڻهن کي ناري سان لڄالٽ واري ڪيس ۾ قانون موجب سزا اچي وڃي ها ته نوجوان سان ان قسم جو واقعو پيش نه اچي ها، اسان سمجهون ٿا ته هن معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏوهاري مقامي پوليس جا عملدار آهن، جيڪي قانون تي عمل بدران چپ ڪري ويهي رهيا آهن، اسان ڊي سي، ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ٻين کي تنبيهه ڪريون ٿا ته ڄاڻايل معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڇو ته ان قسم جي ماڻهن کي جيڪڏهن اڃا به کليل ڇوٽ مليل رهي ته اهي سماج لاءِ ڪو وڌيڪ ناسور وارو واقعو پيدا ڪري سگهن ٿا، جنهن کانپوءِ شايد پوليس وٽ ان جي دفاع ۾ چوڻ لاءِ لفظ به نه هجن، ان ڪري اهڙو واقعو ٿيڻ کان اڳ ناٿو ڪولهي سان ناحق ڪندڙن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو