137

نشاني تي آيل ايران جا ائٽمي اثاثا…

ليکڪ:  فرينڪ گارڊنر

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي مدي جي خاتمي تي ايران مجموعي حيثيت ۽ محتاط انداز ۾ سک جو ساهه کنيو آهي، ڪجهه حلقن کي اهو خدشو هو ته ٽرمپ پنهنجي صدارت جي آخري ڏينهن ۾ ايران مٿان وڌ کان وڌ دٻاءَ واري پنهنجي پاليسي کي وڌيڪ وڌائيندي ايران جي سويلين ائٽمي پلانٽن ۽ ٻين هدفن تي فوجي حملو ڪندو، نومبر ۾ واشنگٽن مان حاصل ٿيندڙ اطلاعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي صدر ان آپشن تي غور به ڪيو هو پر سندس صلاحڪارن کيس ائين ڪرڻ کان پري رکيو،ان جي ابتڙ نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن واضح طور تي چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته آمريڪا ايران سان 2015ع واري ائٽمي ٺاهه ۾ ٻيهر شامل ٿئي، جنهن جو مطلب اهو هوندو ايران ان ٺاهه جي مڪمل پاسداري ڪري ۽ ان جي بدلي ۾ ان مٿان لاڳو ڪيل سخت معاشي پابنديون هٽايون وڃن ۽ تهران کي ڪجهه رقم به جاري ڪئي وڃي. ته ڇا هاڻ ايران حملن کان محفوظ آهي؟ سادن لفظن ۾ چيو وڃي ته ان جو جواب نه آهي، اسرائيل نه صرف ايران جي سويلين ائٽمي سرگرمين پر ان جي بئلسٽڪ ميزائل تيار ڪرڻ واري پروگرام سبب به انتهائي ڳڻتي جو شڪار آهي، گذريل خميس واري ڏينهن ايران جي ائٽمي ترقياتي پروگرام جي حوالي سان اسرائيل جي دفاع واري وزير بيني گينٽز جو قول ڪاپي ڪيو ويو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ”اهو واضح آهي ته اسرائيل آڏو فوجي آپشن کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ وسيلن ۽ سرمائيڪاري جي ضرورت آهي ۽ آئون ان کي انجام ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان.اسرائيل جيئن ته اسلامي جمهوريه ايران جو علي الاعلان دشمن آهي، ان ڪري هو ايران جي هٿ ۾ ائٽمي بم کي پنهنجي وجود لاءِ خطرو سمجهي ٿو ۽ هن دنيا کي ان کي روڪڻ جي اپيل ڪئي آهي، ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي، ايران سدائين اسرار ڪيو آهي ته سندس ائٽمي پروگرام خالص پرامن مقصدن لاءِ آهي، پر ان طرفان يورينيم واڌ جي اضافي جي تازي ڪارروائي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، چيو وڃي ٿو ته ايران جو اهو قدم 2015ع واري ائٽمي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي، ڇو ته ان ۾ ايران کي هڪ حد جي اندر ئي يورينيم واڌ جي اجازت ڏني وئي هئي، 1981ع ۾ اسرائيل کي شڪ ٿيو هو ته عراقي صدر صدام حسين ائٽمي هٿيارن جي صلاحيت حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ان اڳواٽ ڪارروائي تحت ”آپريشن بابل“ ۾ پنهنجي ايف 15 ۽ ايف 16 جيٽ جهازن جو استعمال ڪري عراق جي اوسيرڪ ائٽمي ري ايڪٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، 2007ع ۾ يعني 26 سالن کانپوءِ اسرائيل ٻيهر ”آپريشن آئوٽ سائيڊ باڪس“ ۾ شام سان به ساڳي ڪار ڪئي ۽ دير الزور ويجهو ريگستان ۾ هڪ ڳجهي پلاٽونيم ري ايڪٽر کي پنهنجو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو هو، پر فاصلي، رسائي ۽ فضائي بچاءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ايران هڪ انتهائي ڏکيو هدف آهي، ان ڳالهه تي سواليا نشان آهي ته ڇا اسرائيل آمريڪي شرڪت کانسواءِ ايران تي ڪامياب فضائي حملا ڪري سگهي ٿو؟ ۽ امڪان اهو آهي ته بائيڊن انتظاميا ائين ڪرڻ کان پاسو ڪندي، آمريڪا، اسرائيل ۽ امڪاني طور تي خليجي عرب رياستن طرفان پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن کي لاحق پراڻي خطري کان باخبر ايران پنهنجي ڪجهه ٺڪاڻن کي پهاڙن جي هيٺان زير زمين کڻي وڃڻ تي رقم خرچ ڪئي آهي.جيتوڻيڪ ايران جي ائٽمي صنعت ظاهري طور تي سويلين آهي پر اها فوجي ۽ سيڪيورٽي جي بنيادي ڍانچي سان به ويجهو جڙيل آهي، در حقيقت ايرانين ائٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي تياري ۾ ايترو عرصو لڳائي ڇڏيو آهي جو هاڻ ان ڳالهه جو امڪان نه رهيو آهي ته ان جي زير زمين سهولتون تسخير جي قابل نه آهن، ان باوجود ايران جا ائٽمي ٺڪاڻا ٽن محاذن تي حملي جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

طبعي طور تي حملو: عالمي انسٽيٽيوٽ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ايسوسيئيٽ فيلو ۽ هٿيار ڪنٽرول جي ماهر مارڪ فٽز پيٽرڪ جو چوڻ آهي ته ايران جا ٺڪاڻا تسخير جي قابل نه آهن، نطنز (۾ موجود ٺڪاڻن) کي اسٽيڪ بنڪر ٽوڙ بمباري سان نشانو بڻائي سگهجي ٿو ۽ ٻن حملن ۾ اهي تباهه ٿي سگهن ٿا، يعني پهريون حملو گهارو هڻڻ لاءِ ۽ ٻيو حملو ان ذريعي فيسيليٽيز کي تباهه ڪرڻ لاءِ يا گهٽ ۾ گهٽ ايترو لوڏي ڇڏڻ ته جيئن نازڪ مشينون ناڪارا ٿي وڃن. پر ايران هڪ وسيع ۽ عريض ملڪ آهي ۽ ان جا ائٽمي ٺڪاڻا سڄي ملڪ جي گهرائي ۾ پکڙيل آهن، گهڻو اڳ 2012ع ۾ ئي ماهرن چيو هو ته فردون واري علائقي ۾ يورينيم واڌ جي سهولت هڪ جبل جي اندر گهٽ ۾ گهٽ 80 ميٽر يا 260 فوٽ جي گهرائي ۾ آهي ۽ ممڪن آهي ته عين آمريڪا جو اسٽيڪ (بنڪر بسٽنگ) بم به ان کي نقصان نه پهچائي سگهي. مارڪ فٽز جو چوڻ آهي ته فردو جي وڏي گهرائي ان کي بنڪر بسٽرز کان محفوظ ڪري سگهي ٿي پر تباهه ڪرڻ کان نه، ان جي داخلي رستن ۽ هوا لاءِ ٺاهيل روشندانن کي ڌماڪن سان تباهه ڪرڻ سان مهينن تائين ان کي ڪم ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو. پر ان سهولتن تائين پهچڻ لاءِ هڪ نه پر امڪاني طور تي 2 ڀيرا ايراني فضائي حدن جي اندر پري تائين داخل ٿي هوائي حملو ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ يا ته سندس دفاعي نظام کي چڪمو ڏيڻو پوندو يا وري ان جي فضائي دفاع کي ڪنٽرول ۾ آڻي ئي ائين ڪري سگهجي ٿو. ايران پنهنجي زمين کان هوا تائين مار ڪندڙ ميزائل فورس تيار ڪرڻ ۾ انتهائي گهڻو سرمايو لڳايو آهي، جنهن ۾ باور 373 به شامل آهي، جيڪو روس جي ايس-300 نظام جو هڪ ديسي ٺاهيل ورزن آهي ۽ اهو 300 ڪلوميٽر (186 ميل) پري تائين جهاز کي ٽريڪ ڪرڻ ۽ نشانو لڳائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.هڪ واحد جزوي طور تي ڪامياب حملي جو امڪان ته آهي، پر ان ۾ خطرو اهو آهي ته پائليٽ کي پڪڙيو ويندو ۽ ان کي ايراني ٽي وي تي ڏيکاريو ويندو اها اها شيءِ آهي جيڪا ڪنهن حملي کان پري رکي ٿي.

انسانن تي حملو: اهو اڳ کان ئي ٿيندو رهيو آهي، اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد ايران اندر ايجنٽن جي غير معمولي طور تي باخبر نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ايترو باخبر نيٽ ورڪ جو جڏهن 27 نومبر تي ايران جو اعليٰ فوجي سائنسدان جنرل محسن فخريزاده تهران جي اتر ۾ هڪ ويران روڊ تي هڪ محفوظ قافلي ۾ سفر ڪري رهيو هو ته ان تي حملو ڪندڙن کي ان رستي ۽ وقت جي بخوبي ڄاڻ هئي. ان ڏينهن ان مٿان ڪنهن حملو ڪيو، ان بابت مختلف اطلاع آهن، ايران جي دعويٰ آهي ته اهو حملو هڪ پڪ اپ ٽرڪ تي لڳايل سيٽلائيٽ ڪنٽرولڊ مشين گن ذريعي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو موساد جي تربيت ورتل ايجنٽن جي هڪ وڏي ٽيم ڪيو ۽ اهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اڃا تائين آزاد آهن  بهرحال ڳالهه ڪهڙي به هجي فخريزاده کي قتل ڪيو ويو، ان کي ايران جي ائٽمي پروگرام جي گاڊ فادر طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ آمريڪي انٽيليجنس جو چوڻ آهي ته هن ائٽمي هٿيارن جي تياري لاءِ رازداري سان ڪم ڪيو هو، اسرائيل باضابطا طور تي ڪو به تبصرو نه ڪيو آهي ته ان حملي جي پويان ڪير هو، ان کان اڳ 2010 ۽ 2012ع وچ ۾ ايران اندر 4 سرگرم ايراني ائٽمي سائنسدانن کي قتل ڪيو ويو، جن مان اڪثر ڪار بم ڌماڪن سبب ماريا ويا. هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل نه ته ان ۾ پنهنجي شموليت جي تصديق ۽ نه ئي انڪار ڪيو، پر انهن موتن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ايراني سيڪيورٽي جي زبردست تحفظ باوجود قاتل پنهنجي هدف تائين پهچڻ ۾ ڪامياب آهن ۽ ايران جي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي دانشورانا صلاحيت کي نقصان پهچائي رهيا آهن.

سائبر حملو: سائبر جي دنيا ۾ هڪ اڻ اعلانيل جنگ جاري آهي، جنهن ۾ ايران هڪ طرف آهي، آمريڪا، اسرائيل ۽ سعودي عرب ان جي مخالف صف ۾ بيٺل آهن، 2010ع ۾ اسٽڪس نيٽ نالي ڏکي مالويئر کي ڳجهي طور تي نطنز ۾ موجود ايران جي يورينيم واڌ واري سينٽري فيوجز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ۾ وڌو ويو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ اتي افراتفري پکڙجي وئي هئي ۽ ان جي ڪري سينٽر فيوجز ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويا ۽ سالن تائين يورينيم واڌ جي هلندڙ پروگرام کي انتهائي پوئتي ڪيو ويو هو، ان سائبر حملي کي وڏي پئماني تي اسرائيل طرفان ڪيل حملو چيو ويو هو، چيو وڃي ٿو ته آمريڪا ۽ اسرائيلي ماهرن اسٽڪس نيٽ تيار ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو هو، ايران به جلد ئي ان جو جواب ڏنو ۽ شامون نالي پنهنجي جديد ترين مالويئر کي ڪاميابي سان سعودي عرب جي سرڪاري ملڪيت واري تيل ڪمپني آرامڪو جي نيٽ ورڪ ۾ داخل ڪري ڇڏيو، جنهن 30 هزار ڪمپيوٽرز کي غير فعال ڪيو ۽ سعودي عرب جي تيل جي پيداوار کي خطرو لاڳو ٿي ويو. 2015ع جي ائٽمي ٺاهه يعني گڏيل جامع منصوبي تي عمل ايران جي ائٽمي سرگرمين تي اهڙي طرح جي سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ وارو هو، جو سندس مخالفن کي فوجي حملي تي غور جي ضرورت ئي نه هجي ها، پر اسرائيل ۽ سعودي عرب ان ٺاهه جي باري ۾ سدائين شڪ ۾ رهيا، ڇو ته هو ان کي انتهائي نرم ۽ عارضي سمجهن ٿا، ڇو ته ان ۾ ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام کي روڪڻ بابت ڪجهه به نه هو. ۽ جيستائين اهي شڪ باقي آهن، ايران ڳجهي طور تي ائٽمي هٿيارن جي صلاحيت حاصل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، ان وقت تائين ان جي ٺڪاڻن تي حملي جو خطرو موجود رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو