بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هواچون اينگ چيو آهي ته اسان آمريڪا سان عدم تڪرار، عدم ٽڪراءُ، گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي ٻه طرفه سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ترجمان چيو ته اسان قومي خودمختياري، سلامتي ۽ ترقياتي مفادن جو مضبوطي سان دفاع ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته آمريڪا جي نئين حڪومت چين سان ٻه طرفه ڳالهه ٻولهه ۽ سهڪار کي هٿي ڏيندي ۽ ٻه طرفه تڪرارن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ عالمي سطح تي ٻين ملڪن جي عوام جي بهترين مفاد ۾ ٻه طرفه لاڳاپا جلدي معمول تي واپس اچي سگهن.
