بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سوڌو ٽرمپ انتظاميا جي 28 اهم عهديدارن جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي دور ۾ اهم عهدن تي رهندڙ 28 ماڻهن خلاف پابنديون ان ڪري مڙهيون ويون آهن جو اهي چين جي اندرين معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيا هئا. پرڏيهي وزارت مطابق ٽرمپ انتظاميا جي جن ماڻهن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن انهن چين جي مفادن خلاف منصوبابندي ڪئي ۽ مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽرمپ انتظاميا جي اهڙن قدمن سان چيني عوام ۾ اشتعال پکڙيو ۽ چين_آمريڪا لاڳاپن کي سخت نقصان پهتو. ت
192