191

ايوريل هينس آمريڪا جي ڳجهي اداري جي ڊائريڪٽر مقرر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ جي منظوري کانپوءِ ايوريل هينس آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر مقرر ٿي وئي آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڳجهي اداري جي ڊائريڪٽر شپ لاءِ چونڊيل ايوريل هينس جي مقرري لاءِ سينيٽ کان ڪرايل ووٽنگ ۾ 84 ماڻهن سندن حق ۽ 10 ڄڻن مخالفت ۾ ووٽ وڌو. ايوريل هينس جو چوڻ آهي ته هو ملڪي خودمختياري لاءِ هميشه سچ ڳالهائيندي ۽ انٽيليجنس ايجنسيز جي ڪمن ۾ رڪاوٽ خلاف مزاحمت ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو