165

فارن فنڊنگ ڪيس انتهائي اهم آهي، بغير ڪنهن دٻاءَ جي ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ بغير ڪنهن دٻاءَ  ۽ ڊپ جي ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي طرفان فارن فنڊنگ ڪيس تي ڪارروائي جاري آهي، اهو تمام گهڻو حساس ڪيس آهي ۽ ان تي ميرٽ وارو فيصلو قومي مفاد ۾ آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس تي غير ضروري ۽ ثبوتن کانسواءِ تبصرن کان پاسيرو ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۾ اڳ ئي هن ڪيس جي ٻڌڻي ڌرين سامهون ٿي رهي آهي ۽ ٻڌڻي دوران ميڊيا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارا جا ماڻهو موجود هوندا آهن. ترجمان مطابق اسڪرونٽي ڪميٽي جا اختيار يا عهدو هڪ جي آءِ ٽي جو آهي، ان لاءِ ڪميٽي جي ڪارروائي عوامي سطح تي نه ٿي ٿي سگهي، جڏهن ته عوامي سطح تي ڪارروائي سان ڪميٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ پريشاني ٿيندي. ترجمان ٻڌايو ته اسڪرونٽي ڪميٽي ۾ شڪايت ڪندڙ ۽ الزام هيٺ آيل پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪندا آهن ۽ ڪميٽي موقف جو جائزو وٺڻ کانپوءِ گڏيل سفارشون ڪميشن کي ڏيندي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کليل ٻڌڻي ۾ اهي سفارشون ٻنهي پارٽين کي مهيا ڪندي. ترجمان مطابق اليڪشن ڪميشن ٻنهي پاسن کان بحث ٻڌڻ کانپوءِ جلد ميرٽ تي فيصلو ڪندي ۽ ادارو يقين ڏياري ٿو ته بغير ڪنهن ڊپ ۽ دٻاءَ تي ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو