174

جوبائيڊن جي قيادت ۾ آمريڪا سان بهتر لاڳاپن لاءِ پر اميد آهيون: وينزويلا جو صدر

ڪراڪس(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ جي اقتدار واري دور جي دوران ٻنهن ملڪن وچ ۾ سفارتي لڳاپن ۾ ڇڪتاڻ هجڻ سبب اميد ظاهر ڪئي آهي ته آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جي قيادت ۾ آمريڪا سان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون . فرانسيسي خابرو اداري موجب هن  پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا، احترام ۽ گڏيل رضامندي سان  مستقبل  ۾ بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون . هن  وينزويلا جي قومي اسيمبلي تي زور ڏيندي چيو ته آمريڪاسان نئين شروعات ڪرڻ لاءِقدم کڻي.هن نئين  آمريڪي انتظاميه تي زور ڏيندي چيو ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي  نئين انتظاميه اڳوڻي صدر ٽرمپ جي ظالماڻي 4 سالن جي  اقتدار جي دور جو ورق اٿلا ئي ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو