114

اليڪشن ڪميشن جو فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي ڪرڻ کان انڪار، فيصلو ميرٽ ۽ قومي مفاد تحت ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ ڪيس جي کليل ٻڌڻي ڪرڻ کان انڪار ڪندي ان ڪيس جو فيصلو ميرٽ تي ڪرڻ جي پڪ ڏياري ڇڏي آهي جڏهن ته ان اسڪروٽني ڪميٽيءَ کي فارين فنڊنگ ڪيس جي ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ ڊپ جي ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو. اسڪرونٽي ڪميٽي جا اختيار يا عهدو هڪ جي آءِ ٽي جو آهي، ان لاءِ ڪميٽي جي ڪارروائي عوامي سطح تي نه ٿي ٿي سگهي، جڏهن ته عوامي سطح تي ڪارروائي سان ڪميٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ پريشاني ٿيندي.  اسڪروٽني ڪميٽي طرفان فارن فنڊنگ ڪيس تي ڪارروائي جاري آهي، اهو تمام گهڻو حساس ڪيس آهي ۽ ان تي ميرٽ وارو فيصلو قومي مفاد ۾ آهي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس تي ثبوتن بنا اجاين تبصرن کان پاسو ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۾ اڳ ئي هن ڪيس جي ٻڌڻي لاڳاپيل ڌرين سامهون ٿي رهي آهي ۽ ٻڌڻي دوران ميڊيا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا ماڻهو موجود هوندا آهن. ترجمان ٻڌايو ته اسڪرونٽي ڪميٽي ۾ شڪايت ڪندڙ ۽ الزام هيٺ آيل پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪندا آهن ۽ ڪميٽي موقف جو جائزو وٺڻ کان پوءِ گڏيل سفارشون ڪميشن کي ڏيندي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کليل ٻڌڻي ۾ اهي سفارشون ٻنهي پارٽين کي ڏيندو. ترجمان مطابق اليڪشن ڪميشن ٻنهي پاسن کان بحث ٻڌڻ کان پوءِ جلد ميرٽ تي فيصلو ڪندو ۽ ادارو يقين ڏياري ٿو ته بغير ڪنهن ڊپ ۽ دٻاءَ تي ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو