138

ڪراچي ۾ جي يو آءِ جو ”اسرائيل نامنظور“ مارچ، اسرائيل کي تسليم نه ڪنداسين: فضل الرحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي امير ۽ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ٻڌائي رهيو آهي ته عمران خان کي 2018ع جي اليڪشن لاءِ ڀارت ۽ اسرائيل مان به پئسا آيا هئا، ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي بندوبست هيٺ ”اسرائيل نامنظور“ مارچ ٿيو، جتي پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي ۽ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، جلسي سان بيت المقدس جي خطيب شيخ اقرنا صبري، حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه، ڊاڪٽر همام سعيد ويڊيو خطاب ڪيو، جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه ۽ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ ان اجتماع جي ذريعي پنهنجي فلسطيني ڀائرن کي واضح پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پاڪستاني قوم پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين توهان سان گڏ آهي، هن چيو ته ڪڏهن به پنهنجي حڪمرانن کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيناسين ته فلسطين ۽ فلسطيني سرزمين کي نظرانداز ڪري اسرائيل کي قبول ڪندو، مولانا فضل الرحمان چيو ته اَڄوڪو هي اجتماع پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام نه پر مسلمان امت جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته جڏهن اسرائيل ٺهيو ته پهرين وزير اعظم پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو بنياد اِهو ئي رکيو ته دنيا ۾ هڪ تازي وجود ۾ آيل مسلم ملڪ کي ختم ڪرڻ اسرائيل جي پهرين ترجيح هوندي ۽ دنيا ۾ ان وقت پيدا ٿيندڙ ملڪ پاڪستان هو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان جا وفادارا آهيون ته اسان اسرائيل کي قبول نه ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اسان پاڪستان جا غدار آهيون ته پوءِ اسرائيل کي قبول ڪري وٺنداسين سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فارن فنڊنگ ڪيس ٻڌائي رهيو ته عمران خان وٽ 2018ع جي اليڪشن لاءِ ڀارت ۽ اسرائيل مان به پئسا آيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو