سٺ ميل (رپورٽ: اظهار مري) سٺ ميل ٿاڻي جي حد واسڻي ڀٽ ڀرسان ڳوٺ مير محمد بروهي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل جوابدار گرفتار جوابدار غلام علي بروهي بندوق جا فائر ڪري 16 سالن جي ڀيڻ صابرا ۽ 20 سالن جي محمد حنيف بروهي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ نوابشاهه اسپتال کڻائي وئي، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ايس ايڇ او سٺ ميل منظور ڀنگوار ٻڌايو ته واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدار ڪارنهن تان ٻٽي قتل جو اعتراف ڪيو آهي.
