اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 47 حياتيون کسي ورتيون آهن، جڏهن ته 1745 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 745 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 47 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 39 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 هزار 839 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 535، پنجاب ۾ 15 هزار 304، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 543، اسلام آباد ۾ 5 هزار 777، بلوچستان ۾ 838، گلگت بلتستان ۾ 443، آزاد ڪشمير ۾ 399 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 82 هزار 771 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 327 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 916 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 28 هزار 891 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 753، بلوچستان ۾ 18 هزار 696، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 899، اسلام آباد ۾ 40 هزار 548، خيبرپختونخواهه ۾ 64 هزار 651، پنجاب ۾ 1 لک 52 هزار 158 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 39 هزار 186 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 204 آهي جن مان سنڌ ۾ 3 هزار 855 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 مريض اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 523 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 823 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا،اسلام آباد ۾ ڪل 461 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو، بلوچستان ۾ 192 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فوتگيون،آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 248 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 75 لک 61 هزار 977 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 858 مريض علاج هيٺ آهن.
160