154

ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ بم ڌماڪو، 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ ريلوي ڪرشنگ سائيٽ تي ڊائنامائيٽ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي علائقي شيوموگا ۾  ڊائنامائيٽ سان ڀريل گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ريلوي ڪرشنگ سائيٽ تي ڪوئلي جي کاڻ وٽ ٽرڪ ۾ بارود منتقل ڪيو پئي ويو، ڌماڪو ايڏو زوردار هو جو ڀرپاسي جون عمارتون لڏي ويون ۽ هلڪو زلزلو محسوس ڪيو ويو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ آهن. پوليس مطابق ٽرڪ جي مالڪ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو