154

ترڪي ۾ غيرقانوني رهندڙ 40 پاڪستاني شهري ملڪ بدر، اسلام آباد ايئرپورٽ اختيارين پاران تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ غيرقانوني رهندڙ 40 پاڪستاني شهري ملڪ بدر ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي عملدارن مطابق ترڪي غيرقانوني طور تي مختلف شهرن ۾ رهندڙ 40 پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي، جن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي، ايئرپورٽ تي ڊي پورٽ ٿي آيل پاڪستانين کي کاڌي سميت ڪپڙا پڻ ڏنا ويا. عملدارن مطابق ڊي پورٽيز لاءِ کاڌي ۽ ڪپڙن جي بندوبست لاءِ ٻن وڏين اين جي اوز سان معاهدو ٿيل آهي، جڏهن ته ترڪي کان ملڪ بدر ٿيندڙ پاڪستاني غيرقانوني طور تي مختلف شهرن ۾ آباد هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو