154

سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ملاقاتون ڇو پيو ڪري؟ جواب نه ملڻ تي اپوزيشن پاران سينيٽ اجلاس مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻن سوال اٿاريو آهي ته سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ملاقاتون ڇو ڪري رهيو آهي؟ سينيٽ اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر اڳواڻن سوال اٿاريو ته سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ملاقاتون ڇو ڪري رهيو آهي؟، جڏهن ته ن ليگ جي جاويد عباسي چيو ته آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوا جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟ جنهن تي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته آرمي چيف سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين ناهي رهيو، هاڻي سي پيڪ جا معاملا پلاننگ ڊويزن ڏسي رهي آهي. حماد اظهر پاران اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته حڪومت ادارن کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، پي ايم سي نتيجن ۾ شاگردن جي مستقبل سان راند ڪئي وئي، جهڙو ورتاءُ هتي شاگردن سان ٿيو آهي، ڇا ڪنهن سڌريل ملڪ ۾ ائين ٿيندو آهي؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو