166

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس هنگامي طور سڏائڻ تي مخالف ڌر جو احتجاج، ڪارروائي سومر تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس هنگامي طور سڏائڻ تي مخالف ڌر پاران احتجاج ڪيو ويو، جنهن تي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن دوران اپوزيشن پاران اسيمبلي اجلاس هنگامي طور سڏائڻ تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ن ليگ جي احسن اقبال جو چوڻ هو ته حڪومت قومي اسيمبليءَ کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، پ پ پ جي سيد نويد قمر ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته حڪومت هڪ پاسي ايوان کي سٺي انداز سان هلائڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اپوزيشن جي احتجاج سبب اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو