207

لاهور جي احتساب عدالت خواجا آصف کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت ن ليگي اڳواڻ خواجا آصف کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ ن ليگي اڳواڻ خواجا آصف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ نيب پاران خواجا آصف کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. احتساب عدالت جي جج جواد الحسن ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران نيب عدالت کان خواجا آصف جي وڌيڪ 15 ڏينهن جي رمانڊ جي اپيل ڪندي چيو ته جوابدار کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ مڪمل ڪرڻي آهي. نيب جي اپيل جي خواجا آصف جي وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته نيب جاچ مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ سمورو رڪارڊ اڳ ۾ ئي نيب وٽ موجود آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ خواجا آصف جي پرڏيهي ملازمت بابت ڪليئر ڪري چڪي آهي، ڪيس سپريم ڪورٽ تائين ويو ۽ سپريم ڪورٽ خواجا آصف کي ڪليئر قرار ڏنو. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته خواجا آصف پرڏيهه ۾ هڪ ريسٽورنٽ به جوڙيو آهي، خواجا آصف ٻڌايو ته پگهار ۽ ريسٽورنٽ جي آمدني 136 ملين آهي، ان جي ذاتي اڪائونٽ ۾ به ڪروڙين رپيا جمع آهن. عدالت خواجا آصف ۽ نيب پراسيڪيوٽر جي دليلن تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي. عدالت خواجا آصف کي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي کيس جيل اماڻي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو