ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي
ملڪي سياست جو اهو الميو رهيوآهي ته اقتداري ڌريون پنهنجن مخالفن کي هيٺانهون ڏيکارڻ لاءِ سماجي، اخلاقي، قانوني توڙي قومي وقار جا بکيا اڊيڙي ڇڏڻ جون رسمون ورجائينديون رهيون آهن، مختصر تاريخ هجڻ جي باوجود ملڪ ۾ اهي سڀ تجربا ڪيا ويا، جن کي هميشه عوام ئي ڀوڳيو آهي، ملڪ ۾ قانون جا ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ ته ملن ٿا پر انهن قائدن ۽ ضابطن جو عملي انتظاميا سان ڄڻ تعلق نه هوندو آهي، هتي اميرن لاءِ الڳ قانون ۽ غريبن لاءِ الڳ هوندو آهي، اقتدار کان اڳ اهي ساڳيا ماڻهو غريبن جي ڪکائين جهوپڙين ۾ وڃي سندن ٽٽل ٿانون ۾ پاڻي به پيئو اچن پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ انهن جي لاشن تي وڃڻ لاءِ به شرط طئه ڪيا وڃن ٿا، اسان جي قوم کي سڀ ڪجهه وساري اڳتي وڌڻ جي وري اهڙي عادت پئجي وئي آهي جو اهي بنا ڪنهن نظريي جي ساڳين ئي حڪمرانن جا نعرا هڻڻ لاءِ جذباتي ٿي ويندا آهن، ايوب خان جي صنعتي ترقي، ذوالفقار علي ڀُٽي جي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان، ضياءُ الحق جي مرد مجاهد سڏائڻ، قرض لاهيو وطن سنواريو سميت تبديليءَ جا خواب ۽ نئين پاڪستان جي نعري سميت هر پاليسيءَ جي ماڻهن حمايت ڪندي ڀليڪار چئي آهي، جيتوڻيڪ آئون هن دور جي ايوب خان ۽ ضياءُ الحق جي آمريت سان ڀيٽ ڪندو آهيان، ملڪي تاريخ شاهد آهي ته 73 سالن ۾ حڪمرانن ڪڏهن به ادارا ختم ڪرڻ ۽ غريبن جي روزگار ختم ڪرڻ بدران نوان ادارا قائم ڪري پراڻن ادارن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا هوندا. پر ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ميرٽ جو قتل هر دور ۾ ٿيو آهي پر هن دور کي نظر ۾ رکجي ته پهرئين کان نائين اسڪيل تائين ملازمت ڪندڙ شخص جو تعلق ڪنهن غريب خاندان سان ئي هوندو آهي ۽ موجوده حڪمران نه صرف ادارا بند ڪرڻ عملي قدم کڻي رهيا آهن پر اهڙن ملازمن کي به ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، وفاقي وزير اسد عمر ان ڳالهه جي تصديق ڪري چڪو آهي ته ملڪ ۾ ڪووڊ سبب 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو روزگار متاثر ٿي چڪو آهي، حڪومتي انگ اکر انتهائي محدود هوندا آهن، ان ڪري غور ڪريو ته صورتحال ڪيتري خراب ٿي چڪي هوندي، حڪومتي اندازن مطابق ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح 9.65 سيڪڙو آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، جيڪڏهن حڪومت اڳتي هلي 100 وڌيڪ ادارن کي ختم ڪري ٿي ته بيروزگاري جي شرح ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ٽيڻ تي وڌي ويندي، هڪ نجي سروي ايجنسي موجب ته جون 2021ع تائين بيروزگاري جي شرح 21 کان 23 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي. هاڻ عوام کي فيصل آباد جي صنعت جي بحالي ۽ تعميراتي شعبي ۾ ترقي جون ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن پر ڪراچي جون صنعتون بند پيون آهن، ڪٿي تيل نه آهي، ڪٿي بدعنواني جي نالي تي ٿيندڙ ڪاررواين جي ڪري صنعتون ٺپ آهن، وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سان گڏ سرڪاري ملازمن جي ادارن مان نيڪالي به عوام ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسلام آباد ۾ مخالف ڌر سان گڏ وفاقي ملازم به مطالبا کڻي روڊن تي نڪري آيا هئا پر انهن وٽ ڪير ڳالهين لاءِ به نه پهتو، هونئن اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر، نرسون، استاد، واپاري، پي آءِ اي ملازم ۽ هاري هر روز احتجاج ڪري رهيا آهن، اسٽيل ملز به هفتن کان ٻچڙا وٺي مسلسل احتجاج ڪن پيا، پر انهن جي ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي.2 ڏينهن پهريان ڪراچي ۾ پ پ جي مقامي قيادت ۽ صوبائي وزيرن اسٽيل ملز ملازمن جي احتجاج ۾ شرڪت پڻ ڪئي، وزيراعظم 56 کان 60 رپين تائين وڪرو ٿيندڙ کنڊ جي 100 رپيا کان قيمت لاهي 86 رپيا ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني هئي پر کنڊ هڪ ڀيرو ٻيهر سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي، ميچ فڪسرن جي نشاندهي ٿيڻ باوجود انهن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، سينيٽ اجلاس ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي جڏهن ته هڪ معزز سينيٽر سوال ڪيو ته سينيٽ چيئرمين حڪمرانن کي ايجنڊا تي بحث ڪرڻ جي تلقين ڪندي نظر آيو ۽ وفاقي وزير حماد اظهر اتي به بغض تحت سنڌ جو نالو ئي کڻي ورتو، اتي ئي ڪي پي ڪي جي هڪ ميمبر ٻڌايو ته اسان وٽ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 850 رپيا ملي رهيو آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڪي پي ڪي ۾ به ساڍا 1300 کان 1400 تائين 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو ملي ٿو، تبديلي لاءِ ووٽ ڏيندڙ عوام ٻيهر 70 رپيا في ڪلو اٽو وٺي رهيو آهي، جنوري ايندي ئي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ به 30 کان 40 رپيا في لٽر واڌ ٿي چڪي آهي، بجلي جي اگهن ۾ به نئين سال جي شروعات ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ تيل جي قيمتن ۾ به هلندڙ 2 ڀيرا واڌ ٿي آهي، مهانگائي جي شرح 9.5 کان 12 سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي ۽ تجزيي نگارن مطابق بجيٽ کان اڳ اها شرح 20 سيڪڙو کان به وڌي ويندي. اسان صرف ايترو چئون ٿا ته جيڪڏهن روزگار جا نوان ذريعا پيدا نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ کسيو ته نه، جيڪڏهن شين جون قيمتون گهٽائي نٿا سگهو ته انهن کي وڌائڻ جو به اوهان کي ڪو حق ڪونهي ڪو.