ليکڪ: ابراهيم لاشاري
سنڌ ڌرتي ھر وقت علمي ادبي شخصيتن کي پنھنجي ڪک مان جنم پئي ڏنو آھي جن ادبي ڪمن سان ادب جي سونھن سينگار ۾ ھر وقت اضافو ڪري پنھنجو نالو روشن ڪيو آھي اھڙين مشھور شخصيتن مان هدايت پريم جو نالو پڻ نشابر آھي ھن اديب ۽ استاد جو پورو نالو ڊاڪٽر ھدايت الله آخوند آھي جيڪو24 مارچ 1946ع آچر ڏينهن تي تعلقي اوٻاوڙي ضلعي سکر ۾ جنم ورتو، پاڻ پرائمري تعليم روھڙيءَ مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايم.اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ ڪيائين. ھن جا ٽي ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ (ٻه ڇاپا، ٻيو ڇاپو وڌايل سڌاريل 2007ع) ”ٿر جي ٻولي“ (پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ لکيل ڪتاب 1995ع) ۽ ”اترادي ٻولي“ (1996ع) ۾ شايع ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ ھدايت پريم تقريبن 80 کن مقالا پڻ لکيا آھن، جن جو موضوع گھڻو ڪري لسانيات، سوانحيات ۽ ادب آھي، پاڻ ڪھاڻيڪار طور به قلم جي نب سان 16 ڪھاڻيون لکيائين جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آھن. سندس جو هڪ ناول ”ازابيل“ 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ھدايت پريم سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1979ع ڌاري ليڪچرر طور مقرر ٿيو، پاڻ ترقي 1986ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو ۽ 1987ع ۾ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان 1989ع ڌاري لسانيات ۾ ڊپلوما ڪري وطن واپس وريو 1995ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ. ڊي جي اعلي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1997ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي پڻ ڏني وئي. ھدايت پريم 2000ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمين ٿيو ۽ ساڳئي سال شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رھيو آھي سال 2006ع ۾ سرڪاري عمر جي حد پوري ٿيڻ بعد ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين پاڻ 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري جو سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ھن ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرايا ۽ ادبي پروگرامن ۾ حصو به وٺندو رھيو، پاڻ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران تجربيڪار پروفيسر طور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي پراجيڪٽ تي 2007 ع کان 2009 ع تائين ڪم ڪيائين. پاڻ هن وقت ڄامشوري ۾ رهائش پذير ھو سنڌ جو ھي ڀلوڙ اديب لسانيات ( ٻولي ) جو ماھر زندگي جون 74 بھارون 9 مھينا ۽ 26 ڏينهن گذاري سڀني اديبن کان 20 جنوري2021ع اربع ڏينهن موڪلاڻي ڪيائين. هدايت پريم پنهنجي استاديءَ واري دور ۾ شاگردن جو محبوب استاد رهيو، ڇو ته هن جو رويو شاگردن سان هميشه محبت ۽ تربيت وارو هوندو هو، سندس خاص خوبي نوجوانن کي همٿائڻ ۽ خاص ڪري لکڻ واري فيلڊ ۾ سندن رهنمائي ڪرڻ هوندو هو، پنهنجي پڙهائي واري دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ هو شاگردن جو دوست تصور ڪيو ويندو هو ۽ کين وڌ کان وڌ پڙهائڻ تي همٿائيندو هو، ايستائين جو هن سنڌيءَ کانسواءِ ادب ۾ چاهه رکندڙ ٻين شعبن جي شاگردن لاءِ به سيمينار لائبريري جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ پنهنجي لائبريرين کي سدائين اهو چوندو هو ته جيڪي به نوجوان ڪتاب پڙهڻ لاءِ اچن انهن کي لائبريري ۾ ڪتابن جي سهولت ڏني وڃي، پنهنجي سڀاءَ ۾ هو انتهائي شريف ۽ مزاح پسند انسان پڻ هو، سندس چهري تي هر وقت مرڪ رهندي هئي، اهو ئي سبب هو جو شاگرد کيس پنهنجو آئيڊيل مڃيندا هئا ۽ ڀوڳن ڀوڳن ۾ سنجيده ڳالهيون ڪرڻ جو به هنر ڄاڻندو هو، منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ هدايت پريم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جڳهه عطا فرمائي.