ليکڪ: علي محمد ميمڻ
دنيا جي امن ۽ سڪون لاءِ للڪار بڻيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي دور جي آخري وقت ۾ پنهنجي ئي ملڪ کي وڏي فساد ۽ بغاوت جي حوالي ڪرڻ بعد صدارتي آفيس وائيٽ هائوس واشنگٽن مان روانو ٿي ويو ۽ آمريڪا ۾ نئين سوشلسٽ صدر جوبائيڊن پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ بعد ملڪ جو اقتدار سنڀالي ورتو آهي. آمريڪا جي هاڻوڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ بدمست ۽ غصيلي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاوڙ ۽ الزامن جي گولاباري جا پڙاڏا هن وقت به سموري دنيا ۾ گونجي رهيا آهن، جنهن ۾ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار جوبائيڊن کي کاٻي ڌر جو مارڪسسٽ، سوشلسٽ، ڪميونسٽ ۽ آمريڪا جو نئون چي گويرا هئڻ جا الزام هنيا ويا، جنهن ۾ آمريڪا جي عوام کي خبردار ڪندي چوڻ هو ته جوزف بائيڊن سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نظريو رکندڙ ۽ هو آمريڪا جو نئون چي گويرا آهي، جيڪو ملڪ ۾ لاڳو نظام کي ختم ڪري چي گويرا واري سوشلسٽ نظرئي کي آمريڪا ۾ لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو. دنيا جي 2021ع جي 20 جنوري واري تاريخ ۾ اهي منظر آخرڪار تاريخ جو حصو بڻجي ويا جو آمريڪا کي لاڳو هنگامي حالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول شخصيت جوبائيڊن جمهوري طريقي ۽ عوام جي بي پناهه محبت ۽ حمايت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد ملڪ جو صدر بڻجي ويو. اهڙي ريت سموري حياتي جي جفاڪشي ۽ محنت جو حاصل ٿيو ۽ آمريڪا ۾ آمريڪي سوشلسٽ چي گويرا جي حاڪميت قائم ٿي وئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ طرفان آمريڪا جون صدارتي چونڊن ٻيو ڀيرو کٽڻ لاءِ نسل پرستي، بداخلاقي ۽ فسادن واري سياست کي رواج ڏيڻ وارا جيڪي به حيلا هلايا ويا، اهي آمريڪا جي باشعور عوام ۽ انهن جي طاقت اڳيان ناڪام ٿي ويا، ملڪ جي عوام طرفان پنهنجي ووٽن واري خاموش انقلاب ذريعي جهڙي ريت مثال قائم ڪيا ۽ جوبائيڊن کي پنهنجي رڪارڊ ووٽن سان ڪامياب ڪيو اهو پنهنجو مثال پاڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۾ اڄ نئين دور جو سوشلسٽ اڳواڻ، آمريڪا جو چي گويرا جوزف بائيڊن ملڪ جي 46 هين صدر جي عهدي تي ويهڻ بعد هن ڌام ڌوم سان ملڪ جو اقتدار سنڀالي ورتو آهي. اهڙي ريت آمريڪا سميت دنيا اڄ وڏي خوف ۽ افراتفري واري حالت کان ٻاهر نڪري سک جو ساهه کنيو آهي ۽ علامتي طور تي سموري دنيا ۾ پڻ نئين جمهوري دور جي شروعات ٿي وئي آهي.اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پنهنجي ملڪ ۽ اتي جي قومن سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، اهو دنيا لاءِ پڻ هڪ عبرتناڪ مثال آهي. جنهن تي دنيا جا سماجي علمن جا ماهر، تحقيقي ادارا، سماج سڌارڪ فورمز ۽ سياستدان ۽ سياسي علمن سان لاڳاپيل سياسي ڪارڪن پڻ سالن تائين ڇنڊڇاڻ ڪندا رهندا ۽ آمريڪا تي گذريل غير معمولي دور ۽ صدارتي چونڊن جي ذريعي آمريڪا جي عوام ۾ پيدا ٿيل جمهوري انقلاب جو پڻ جائزو وٺندا ۽ اهو سمورو لڪاءَ سموري دنيا جي قومن لاءِ پڻ دماغ روشن ڪندڙ باب آهن. ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چين سان نفرت جي نالي ۾ ڪورونا وائرس ۽ وبا کي نه صرف غير اهم سمجهيو پر آمريڪين کي غير معمولي ماڻهو قرار ڏئي فرعونن وانگر سپر مين هئڻ جي نعريبازي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين آمريڪين کي ان قدرتي وبا نظرانداز ڪرڻ وارو ڏوهه ڪيو ۽ ملڪ جي عوام کي وبا جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ سمورو آمريڪا بيمار بڻجي ويو ۽ ان وبا جو شڪار ٿيڻ ڪري 4 لک ماڻهن کي ملڪ ۾ هر هنڌ مرڻ ڏنو ويو، يقينن اهو سانحو قومي ڏوهن ۾ شمار ڪيو ويو ۽ ان مجرماڻي غفلت کي عوام طرفان معاف نه ڪيو ويو. ان کان سواءِ ٽرمپ واري آمريڪي قومپرستي واري نظرئي جي نسل پرستي ۽ آمريڪي شهرين ۾ ڪارن آمريڪين ۽ سفيد آمريڪين واري ورهاست جي هاڃيڪارين، آمريڪا جي حڪومتي سرشتي کي ئي لوڏي ڇڏيو ۽ حڪمران جي ان غير انساني سلوڪ تي پيدا ٿيل ردعمل ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ شڪست جو خاص طور تي سامان پيدا ڪيو. دنيا جي سڀ کان وڏي سپر طاقت آمريڪا ۾ گذريل سال ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ملڪ جي حڪمران ڊونلڊ ٽرمپ واري فاشسٽ حڪومت مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي جمهوريت پسند عوام طرفان غير معمولي جرئت ۽ همت جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ آخرڪار هو پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ملڪ جي نسل پرست ۽ فاشسٽ صدر کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، آمريڪا ۾ غير معمولي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ٿيل چونڊن ۽ انهن ۾ هارائيندڙ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار جي خاتمي سان يقينن دنيا جا سمورا ملڪ ۽ جمهوري ملڪ گهڻو محفوظ ٿي ويا آهن ۽ انهن کي آمريڪا جي ٽرمپ سرڪار کان لاڳو خطرن کان پڻ ڇوٽڪارو حاصل ٿي ويو آهي، هاڻي اهو چوڻ ۽ سمجهڻ درست هوندو ته متحده آمريڪا سان گڏ سموري دنيا ۾ پڻ اڄ نئين جمهوري دور ۽ روشن صبح جي شروعات ٿي وئي آهي. بيشڪ! دنيا اميد جو نظام اميد تي قائم آهي، گذريل سال ۾ اسان جي ملڪ سميت سموري دنيا ۽ دنيا جي قومن لاءِ زندگي تمام گهڻي مشڪل ۽ آزمائشن سان ڀريل رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسانذات تمام گهڻا نقصان برداشت ڪيا آهن، دنيا جي وڏي سپر طاقت آمريڪا جو اقتدار ۽ اختيار جمهوريت پسندن کي حاصل ٿيڻ واري ڪاميابي واري موقعي تي آمريڪا جي نئين جمهوري صدر جوبائيڊن، نائب صدر ڪملا هيرس، ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سمورن ڪارڪنن ۽ آمريڪا جي سموري عوام کي مبارڪون پيش ڪريون ٿا. ان سان گڏوگڏ آمريڪا جي نئين حڪومت جي سموري دنيا جي امن، سلامتي ۽ انساني حقن جي پٺڀرائي ۽ دنيا جي ٻين قومن ۽ ملڪن سان بهتر لاڳاپن لاءِ قدم کڻڻ جي اميد رکون ٿا، اهڙي ريت دنياجي سڀ کان وڏي سپر طاقت آمريڪا جي غيرمعمولي صدر جوبائيڊن طرفان پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻ ۽ دنيا جي وڏي سپر طاقت جو مقبول ترين حڪمران ٿيڻ وارا منظر ڏسڻ بعد يقينن دنيا جا سمورا جمهوريت پسند، سوشل ڊيموڪريٽ، ترقي پسند، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پڻ ان عالمي تبديلي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهندي جشن ملهائي سگهن ٿيون.