ليکڪ: ثقلين امام
آمريڪا جي 46 هين صدر جوبائيڊن 15 صدارتي حڪم نامن تي صحيحون ڪري پنهنجي صدارتي دور جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، انهن صدارتي حڪمن ۾ تڪراري سفري پابندين جو خاتمو، ماحولياتي ٺاهه جي بحالي ۽ سمورين وفاقي ملڪيتن ۾ ماسڪ لازمي پائڻ جي بلن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جوبائيڊن جا گهڻا حڪم ناما اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري پاليسين کي ختم ڪرڻ بابت آهن، جوبائيڊن حلف کڻڻ کانپوءِ ان هنڌ بيٺو آهي، جتي پهچڻ لاءِ هن سياست جي ميدان ۾ 50 سالن جو وقت گذاريو، پر شايد هن ڪڏهن نه سوچيو هوندو ته صدارتي جي پهرئين ڏينهن ئي کيس لاتعداد وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، نئين چونڊيل صدر جي انتظاميا جيڪا وائيٽ هائوس جو حصو چورائي ٿي جي چيف آف اسٽاف رونلڊ ڪلائيم ڪجهه ڏينهن اڳ ئي بائيڊن جي شروعاتي ڏينهن جي قدمن بابت هڪ يادداشت جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جوبائيڊن صدر ٿيندي ئي ڪجهه اهم معاملن ۾ رخصت ٿيندڙ ٽرمپ جي ڪيترن ئي قدمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جا حڪم ناما جاري ڪندو، ۽ آمريڪي قوم کي درپيش وڏن وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم جو اعلان ڪندو. سندس مطابق صدر ٿيڻ کان پوءِ پهرين 10 ڏينهن ۾ بائيڊن ڪانگريس جي منظوري سان اڳ ئي صدارتي حڪم ناما جاري ڪندو ته جيئن هو پنهنجي ملڪ کي ٽرمپ جي دور جي تباهه ڪندڙ قدمن کان محفوظ ڪري سگهي، واضح رهي ته هر ايندڙ آمريڪي صدر اهڙي ئي طرح شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيترائي حڪم ناما جاري ڪري ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ به ائين ڪيو هو، پر سندس ڪيترن ئي حڪم نامن کي پوءِ عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو هو پر رون ڪلائين جو خيال آهي ته جوبائيڊن جي حڪمن جو اهڙو انجام نه ٿيندو، جهڙو ٽرمپ جي حڪمن جو ٿيو هو، ڇو ته نئون صدر قانون جي روح کي سمجهي ٿو. نئين چونڊيل صدر بابت هڪ عام تاثر اهو آهي ته هو مفاهمت پسند سياستدان آهي، هو سينيٽ جو ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان 35 سالن تائين ميمبر رهيو آهي ۽ عام طور تي سڀني کي گڏ کڻي هلي ٿو، هن عراق جنگ ۾ پڻ صدر بش جي حڪومت جو ساٿ ڏنو هو، ان لاءِ ڪجهه مبصرن جي نظر ۾ هو پنهنجي حڪومت ۾ به وچ ٿرو رويو اختيار ڪندو، پر ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ۽ آمريڪا جي اڳوڻي ليبر سيڪريٽري رابرٽ ريک چيو آهي ته جنهن ريپبلڪن پارٽي سان گڏجي جوبائيڊن ماضيءَ ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، اها هاڻ بلڪل تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻ اتي مفاهمت وارو ماحول رهيو ئي نه آهي، هاڻ جوبائيڊن کي دليراڻا قدم کڻڻا پوندا، ڇو ته هاڻ ٻئي طرف مصالحت وارا موجود ئي نه آهن، سندس بقول هاڻ بائيڊن کي ابراهام لنڪن وانگر تيزيءَ سان جرئتمند فيصلا ڪرڻا پوندا، جيئن غلامي جي خاتمي جو فيصلو هو. بائيڊن هڪ اهڙي دور ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو آهي، جڏهن ڪورونا جي عالمي وبا زورن تي آهي ۽ آمريڪا ان سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، جتي هن وقت تائين 4 لک کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت خلاف بائيڊن جي چونڊ مهم دوران سڀ کان وڏو مسئلو وبا کي منهن ڏيڻ جو انداز هو، جنهن تي اڳوڻي صدر ٽرمپ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ هاڻ نئين انتظاميا جي ترجيحن ۾ سڀ کان پهريون اهو ئي معاملو آهي.ان سلسلي ۾ شروعاتي قدمن ۾ جوبائيڊن طرفان صدارتي حڪمن نامي مطابق سڄي ملڪ ۾ وفاقي هنڌن ۽ بين الرياستي سفر دوران هر فرد لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.پر ان ڳالهه جي ڪا ضمانت نه آهي ته مختلف رياستن جا اهي گورنر جيڪي لازمي ماسڪ جا مخالف هئا، پنهنجو فيصلو تبديل ڪرڻ تي تيار ٿيندا، ڇو ته صدر کي اهڙو ڪو به قانوني اختيار حاصل نه آهي ته هو سڄي ملڪ ۾ عوام کي ماسڪ پائڻ جو پابند بڻائي. جوبائيڊن کي ان صورتحال ادراڪ به آهي ۽ سندس مطابق هو ان سلسلي ۾ گورنرن سان ذاتي طور تي ڳالهائيندو ۽ اهي نه مڃيا ته پوءِ مقامي انتظاميا سان به رابطا ڪيا ويندا. جوبائيڊن عوام کي ويڪسين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي صدارت جي شروعاتي 100 ڏينهن دوران ويڪسين لڳائيندڙ فردن جو تعداد 10 ڪروڙن تائين ڏسڻ چاهي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ تجويز سمورن موجود ويڪسينن جي فراهمي ئي نه پر ڪجهه ويڪسينن کي ٻي خوراڪ لاءِ روڪي ڇڏن واري به آهي، جوبائيڊن پنهنجي شروعاتي حڪم نامي ۾ عالمي صحت واري اداري ۾ واپس وڃڻ جو اعلان به ڪيو آهي، واضح رهي ته ٽرمپ ان اداري کان ڪورونا وائرس دوران چين مٿان سختي نه ڪرڻ تي ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. گذريل هفتي جوبائيڊن آمريڪا جي ڪورونا متاثر معيشت جي بحالي لاءِ 19 کرب ڊالرن جي امدادي پئڪيج جو اعلان ڪيو هو، ان بابت وائيٽ هائوس جي اسٽاف جي سينيئر ميمبر کي جاري ڪيل يادداشت ۾ چيف آف اسٽاف رون ڪلائين چيو ته نئين صدر جو اهڙو حڪم لکين آمريڪين کي اقتصادي تڪليفن مان نجات ڏياريندو، جيڪي وبا دوران ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، جوبائيڊن صرف ٽرمپ حڪومت جي سنگين نقصانن کي ڀرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندو پر ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جا قدم به کڻندو، هن چيو هو ته صدر بائيڊن جي ويزن تي مڪمل عمل لاءِ ڪانگريس کي ڪيترن ئي قانونن جي منظوري ڏيڻي پوندي، جن ۾ 1.9 ٽريلين ڊالر خرچن جي قانون جي منظوري به شامل آهي. جيڪڏهن ڪانگريس ان جي منظوري ڏئي ڇڏي ٿي ته ان ۾ آمريڪا جي سمورن شهرين کي 1400 ڊالر جي رقم جي ادائگي به شامل آهي. بائيڊن جو اهو پئڪيج 900 ارب ڊالر جي ان امدادي پئڪيج کان ڌار آهي، جنهن جي منظوري ڪانگريس ڊسمبر 2020ع ۾ ڏئي چڪي آهي ۽ ان کي بائيڊن جي هڪ وڏي منصوبي جي پهرين قسط قرار ڏنو ويو هو.
آمريڪا جي موجوده اقتصادي تڪليف ڪورونا سان جڙيل آهي پر ماحوليات جو معاملو آمريڪا ۾ سياسي ورهاست جو هڪ وڏو سبب آهي، جوبائيڊن اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اهو چئي چڪو هو ته هو پنهنجي صدارتي پهرئين ڏينهن پئرس ماحولياتي معاهدي ۾ ٻيهر شموليت جو اعلان ڪندو ۽ هن پنهنجي شروعاتي حڪم نامي ۾ ان ٺاهه ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ 2015ع ۾ ان ٺاهه تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ آمريڪا اهڙو فيصلو ڪندڙ پهريون ملڪ هو، جوبائيڊن اهو به چيو آهي ته هو صدر جو عهدو سنڀالڻ جي سئو ڏينهن اندر ماحوليات جي موضوع تي هڪ عالمي سربراهي ڪانفرنس ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو، ۽ اهو ته هو هلندڙ سال دوران ئي اهڙي قانونسازي به ڪرائڻ چاهي ٿو، جنهن تحت 2050ع تائين آمريڪا ۾ ماحول دشمن گئس خارج ڪرڻ کي مجموعي طور تي زيرو تي آڻي سگهجي. ٽرمپ پنهنجي صدارتي دور جي آخري ڏينهن ۾ ڪئناڊا جي صوبي البرٽا سان آمريڪي رياست نبارسڪا تائين تيل جي رسد جي 12 هزار ميل ڊگهي اسٽون ايڪس ايل پائيپ لائين جي تعمير جي منظوري ڏني هئي پر جوبائيڊن اڳوڻي صدر جي ان فيصلي کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي صدر ٽرمپ جنوري 2017ع ۾ آمريڪي صدر جو عهدو سنڀالڻ جي 7 ڏينهن کانپوءِ جن سفري پابندين جو اعلان ڪيو هو، نئين صدر جوبائيڊن ان کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي، شروعاتي طور تي انهن پابندين جو نشانو 7 مسلمان ملڪ ٿيا هئا پر پوءِ عدالتي حڪمن کانپوءِ پابندين ۾ ڪجهه تبديليون به آنديون ويون هيون، اهڙن ملڪن ۾ ايران، ليبيا، سوماليا، شام، يمن، وينزويلا ۽ اتر ڪوريا جا شهري شامل هئا. جوبائيدن اميگريشن بابت جيڪو هڪ اهم واعدو ڪيو هو ته هو ملڪ ۾ موجود هڪ ڪروڙ 10 لک پرڏيهين لاءِ آمريڪي شهريت جي راهه هموار ڪرڻ جا قدم کڻندو ۽ جلد ئي ڪانگريس ڏانهن هڪ قانوني مسودو موڪليندو، ان قانون جي مسودي بابت پرڏيهين جي تنظيم نيشنل اميگريشن فورم جي سربراهه ۽ پاڪستاني ڄائي علي نوراني جو چوڻ آهي ته امڪاني طور تي آمريڪا ۾ موجود پرڏيهين لاءِ هڪ 8 سالن لاءِ قانوني رستو مهيا ڪيو ويندو ته جيئن اهي آمريڪي شهري بڻجي سگهن، ننڍپڻ کان آيل پرڏيهين لاءِ ان کان به مختصر عرصو هوندو ۽ پوءِ ايندڙ 10 ڏينهن تائين بائيڊن ڪرمنل جسٽس سسٽم، اميگريشن ۽ وڇڙيل مائٽن کي ٻيهر پهنجي خاندان سان ملائڻ جي قدمن جو اعلان به ڪندو. جوبائيڊن اڳوڻي صدر ٽرمپ جي دور جي سڃاڻپ بڻجندڙ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي سرحد تي ديوار ٺاهڻ واري منصوب کي روڪي ڇڏيو آهي، هن پنهنجي چونڊ مهم دوران ان منصوبي تي خرچ پئسي جو ذيان قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته ان جي ڪري اصل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود وسيلن جو رخ موڙيو ويو آهي، بائيڊ انتظاميا مطابق اهي ديوار جي تعمير بدران وفاقي رقم کي سرحدي نگراني جي نون انتظامن تي خرچ ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.پرڏيهي پاليسي ۽ بائيڊن: جوبائيڊن جي نامزد دفاع واري وزير جنرل آسٽن تازو ئي آمريڪي سينيٽ جي ڪاميٽي ۾ پنهنجي مقرري جي توثيق لاءِ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا چين کي پنهنجو اصل مقابلي وارو سمجهي ٿو، هن سينيٽرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته آمريڪي چين کي پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج سمجهن ٿا. ائٽمي معاملن تي ايران ۽ 5 عالمي طاقتن وچ ۾ ٺاهه کان صدر ٽرمپ هڪ طرفي عليحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، پر اڃا تائين آمريڪا جي نئين انتظاميا ان ٺاهه بابت خاموش آهي، جوبائيڊن ماضي ۾ اعلان ڪيو هو ته هو چاهيندو ته آمريڪا ايران سان ڪيل ٺاهه ۾ ٻيهر شامل ٿي وڃي پر ان تجويز جي سينيٽ مخالفت ڪئي هئي.يورپ سان لاڳاپن ۾ پهرين بهتر تبديلي جي بائيڊن جي اهلڪار رون ڪلائين جي ان اعلان مان ئي نظر اچي ٿي ته آمريڪا پئرس ماحولياتي ٺاهه ۾ واپس وڃي رهيو آهي پر انهن کي نيٽو جي باري ۾ ٽرمپ جي پاليسين تي به نظرثاني ڪرڻي پوندي، يورپي يونين ۽ ان کان الڳ ٿيندڙ ملڪ برطانيا بابت نئين حڪومت جي حڪمت عملي به في الحال خاموشي آهي، اتر ڪوريا سان لاڳاپن جي بهتري ۽ وينزويلا سان ويڙهه جيڪا انهن کي ٽرمپ جي ميراث جي صورت ۾ ملي آهي، هاڻ ڏسون ته بائيڊن ان تي ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو. آمريڪا جي ماضي جون حڪومتون انڊيا سان بهتر لاڳاپا رکنديون آيون آهن، ان باوجود جوبائيڊن ۽ سندس نائب صدر ڪملا هيرس ڪشمير ۾ انساني حقن بابت مذمتي بيان جاري ڪيا هئا، سوال اهو آهي ته هاڻ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندن بيان ڪهڙي قسم جي عملي صورت اختيار ڪن ٿا، افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي ٿئي ٿي يا اهي افغان طالبان سان ڳالهين جي انجام تائين ان بابت ڪو فيصلو ڪن ٿا، جنهن لاءِ کين پاڪستان جي ضرورت پوندي.