204

جوبائيڊن روس سان نئين اسٽارٽ معاهدي ۾ پنجن سالن جي واڌ جو خواهشمند آهي: وائيٽ هائوس ترجمان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وائيٽ هائوس جي ترجمان جين ساڪي چيو آهي ته صدر جوبائيڊن روس سان نئين اسٽارٽ معاهدي ۾ پنجن سالن جي واڌ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته صدر ڊگهي عرصي کان واضح طور تي چئي رهيو آهي ته نئون اسٽارٽ معاهدو آمريڪا جي قومي سلامتي جي مفاد ۾ آهي، ان ۾ توسيع ان وقت اڃان به ضروري ٿي وڃي ٿي جڏهن روس سان اسان جا لاڳاپا صحيع ناهن. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ آرمز ريڊڪشن ٽريٽي 5 فيبروري تي ختم ٿي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو