201

چين انتونيوگوتريش کي گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل لاءِ مناسب اميدوار قرار ڏئي ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين انتونيوگوتريش کي گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل لاءِ مناسب اميدوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هواچون اينگ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گوتريش گڏيل قومن جي سربراهه جي حيثيت سان عالمي امن، سلامتي جي تحفظ، پائيدار ترقي ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي هاڪاري ڪردار کي اڳيان وڌايو آهي. ترجمان چيو ته چين انتونيوگوتريش کي گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل لاءِ مناسب اميدوار سمجهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو