ڪيف (ويب ڊيسڪ) اوڀي يوڪرين ۾ هڪ نرسنگ هوم ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب 15 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق يوڪرين جي شهر خرڪيو جي علائقي ۾ نرسنگ هوم جي ٻئين ماڙ تي اوچتو باهه لڳي وئي، عمارت ۾ 33 ڄڻا موجود هئا. يوڪرين ۾ هنگامي حالتن بابت اداري مطابق نرسنگ هوم ۾ باهه بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
