اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سينيٽ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل صدارتي ريفرنس تي پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن اوپن بيلٽ جي حمايت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين 5 صفحن تي ٻڌل جواب ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ طارق عزيز ذريعي جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 2015ع جي سينيٽ چونڊ ۾ ڌانڌلي ۽ فلور ڪراسنگ جا الزام سامهون آيا، جنهن کانپوءِ سينيٽ ميمبرن سان چونڊن جي طريقيڪار تي بحث مباحثو ٿيو. صادق سنجراڻي جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سينيٽ ايوان ڪميٽي ۾ سفارش ڪئي وئي ته بيلٽ پيپرن پويان ووٽر جو نالو لکيل هجي ۽ شڪ جي صورت ۾ پارٽي سربراهه کي ووٽ جا تفصيل ڏسڻ جو اختيار هجي. هن چيو ته شفاف اوپن سينيٽ چونڊ هن وقت وسيع تر قومي مفاد ۾ آهي، سينيٽ چونڊن بابت آئين خاموش آهي ۽ آئين جي تشريح ڪرڻ خاص ڪري سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي، آئين ۽ لاڳاپيل قانون جي تشريح سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي گهرج آهي، جڏهن ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي به ذميواري آهي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سمورا اسٽيڪ هولڊر مڃين ٿا ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ وارو اقرار ڪري ۽ نتيجن کي منهن ڏئي.
187
Mujh ko 2019 july k tamam sobh newspaper chahye