165

براڊ شيٽ اسڪينڊل: گهرو وزير عظمت سعيد تي مخالف ڌر جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد براڊ شيٽ جاچ ڪميٽي جي سربراهه عظمت سعيد تي مخالف ڌر جي اعتراضن کي رد ڪندي چيو آهي ته جاچ جو سربراهه ڇا ملڪ قيوم کي ڪريون؟ ڪراچي ڪوسٽ گارڊز هيڊڪوارٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم وٽ هاڻي چوڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي پر سياست ڪرڻ لاءِ ختم نبوت، ڪشمير ۽ اسرائيل 3 موضوع آهن، جيتوڻيڪ عمران خان جيترو يو اين اي ۾ ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو، اوترو ڪير ناهي وڙهيو، وزيراعظم مودي کي هٽلر جي نالي سان متعارف ڪرايو آهي، مون کان وڌيڪ هن ملڪ ۾ ڪشمير اشو کي ڪوبه نٿو سمجهي. شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جو مزار قائد تي خطاب ڪرڻ قيامت جي نشاني آهي، گولڊن ٽيمپل جو دورو ڪندڙ ڪيئن قائد جي مزار تي ڳالهائي سگهن ٿا؟ تاريخ پڙهن، هنن پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ قائداعظم کي ڇا ڇا چيو هو، توهان کي جيڪو وڻي سو ڪريو توهان جي اقتدار وارو دور نه ايندو، مولانا سمجهي ٿو ته ن ليگ سان گڏجي سياسي ڪردار ٺاهي ويندو، ان جون رڳو 5 يا 6 سيٽون آهن، ان جو ڪو رول نه ٺهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو