132

اڳوڻو اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جو وڏو دشمن هو ، اسان جي خلاف گيم ڪري رهيو هو، هاڻوڪو ڀروسي جوڳو آهي: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  اڳوڻو اليڪشن ڪمشنر مخالف ڌر جو مقرر ڪيل هو، جيڪو پي ٽي آءِ جو سڀ کان وڏو دشمن هو، اهو اسان جي خلاف گيم ڪري رهيو هو ان ڪري ئي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ رولڙو پيو. هڪ ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته   فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دير جا ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ هئا. هاڻوڪي اليڪشن ڪمشنر تي اسان کي ڀروسو آهي،  مون کي فارن فندنگ ڪيس ۾ ڪو به ڊپ نه آهي،  جيڪڏهن ڊڄان ها ته ان ڪيس جي ٻڌڻي کليل نموني ڪرڻ جي ڳالهه ئي نه ڪريان ها. پي ٽي آءِ جي خلاف فارن فنڊنگ ڪيس رڳو بدنيتي جي بنياد تي ئي ٻڌل آهي. اسان جي پارٽي جي سموري فنڊنگ قانوني آهي، ان جا سمورا ثبوت پڻ موجود آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته براڊ شيٽ واري معاملي سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي، اهو معاهدو به ان وقت جي صدر پرويز مشرف ڪيو ۽ پوءِ وري  اين آر او به ان ئي ڏنو هو. براڊ شيٽ وارو معاملو ڪيئن حل ڪيو وڃي، ان جو فيصلو انڪوائري ڪميٽي ئي ڪندي. هن چيو ته براڊ شيٽ نواز شريف جون 800 ملين جون ملڪيتون ڳولهي ورتيون هيون ۽ عدالت پڻ چيو هو ته واقعي اهي نواز شريف جون ملڪيتون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ان معاهدي هيٺ پاڪستان حڪومت کي اهو  ناڻو ڏيڻو پيو ۽ جيڪڏهن نه ڏيون ها ته ان تي هر هڪ ڏينهن تي 5 هزار پائونڊ وياج به لڳندو رهي ها.   وزيراعظم چيو ته  جڏهن روپيي جو قدر گهٽ ٿيو ته مهانگائي ته ٿيڻي ئي هئي،  بدقسمتي سان اسان کي شين جا اگهه وڌائڻا پون ٿا، پيٽرول جا اگهه نه وڌائبا ته ان سان قومي ناڻي تي بار پوندو. جڏهن عالمي منڊيءَ ۾ تيل جا اگهه وڌي وڃن ٿا ته  اسان کي به اگهه وڌائڻا پون ٿا، ملڪ تي قرضن جو بار وڌائڻ نه ٿا گهرون ان ڪري ئي بجليءَ جي اگهه ۾ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان سان سينيٽر سجاد خان سوري ملاقات ڪئي ۽ ان ملاقات ۾ سنيٽ جي چونڊن وري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  سينيٽ جي چونڊن ۾ ووٽ جي طريقي بابت صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ  جيڪو به فيصلو ڏيندي ان جو اسين احترام ڪنداسين. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن بنيادي ضروري شين خاص طور تي ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ايندڙ رمضان المبارڪ ۾ عوام کي بنا رنڊڪ جي کاڌي پيتي جي ضروري شيون سستيون  ڪرڻ بابت اپاءِ وٺن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو