126

علي زيدي جي رويي خلاف سنڌ جي وڏي وزير جو احتجاج، وزيراعظم کي خط لکي وفاقي وزير خلاف ڪارروائي جي گهر ڪري ڇڏي

ڪراچي / اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر / م ڊ ) ڪراچي ٽرانسفارميشن پيڪيج بابت اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي طرفان بداخلاقي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ اهو معاملو وزيراعظم عمران خان تائين پهچي ويو آهي. اهڙو انڪشاف وفاقي وزير علي زيدي پاڻ ئي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پتو پيو آهي ته اهو معاملو ڪراچي ٽرانسفارميشن پيڪيج بابت 16 جنوري واري اجلاس ۾ ٿيو هو. جنهن دوران علي زيدي اجلاس مان پڻ ڪاوڙجي هليو ويو هو. اهڙي معاملي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي هڪ ڪانفڊينشل خط لکي ان سان وفاقي وزير  علي زيدي جي خلاف شڪايت ڪئي ۽ اهو ئي خط علي زيديءَ تائين پهچي ويو جيڪو هن جاري پڻ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي لکيل پنهنجي خط ۾ علي زيدي جي رويي تي احتجاج ڪندي ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي گهر پڻ ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته وفاقي وزير علي زيدي ڪميٽيءَ  جي سمورن ميمبرن جي اڳيان مون سان جهيڙي وارو رويو اختيار ڪيو، وفاقي وزير  جيڪو رويو اختيار ڪيو ان جي منجهانئس اميد نه هئي ۽ ان جي اهڙي رويي تي ترت ڪارروائي ٿيڻ گهربي هئي پر  ڪميٽيءَ جي مقصدن خاطر ان کي نظرانداز ڪيوسين. وڏو وزير خط ۾ وڌيڪ چيو ته علي زيدي جي اهڙي رويي جو اهو ڪو پهريون موقعو نه هو، هن خط جي ذريعي آئون علي زيدي جي رويي خلاف احتجاج ڪندي اميد ٿو ڪريان ته ان خلاف ڪارروائي ڪندا. آئون اها به اميد ڪريان ٿو ته اڳتي اهڙي اهم عهدي تي مقرري ڪرڻ وقت ڪنهن حد تائين سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويندو. ٻي پاسي   سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيد مراد علي شاهه طرفان وزيراعظم کي لکيل خط تي ”ڪانفيڊينشل“ لکيل  هو ، وڏي وزير جي لکيل خط جو مون کي به علم نه هو ۽ اهو ڳجهو خط علي زيدي منظر تي آڻي غير مناسب قدم کنيو. ماڻهو اندازو لڳائن ته ڪير سنجيدگي ۽ ڪير غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، علي زيدي اهو لکيو جيڪو نه لکڻ گهربو هو. سعيد غني چيو ته ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اجلاس ۾ سخت ڳالهيون ضرور ٿيون هيون.هن چيو ته وڏي وزير ميٽنگ دوران انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ اسد عمر کي چيو ته اهڙو رويو وفاقي وزير طرفان مناسب نه آهي، وڏي وزير اسد عمر سان گلا ضرور ڪئي ته هي ماڻهو ان لائق نه آهي جو ان کي ايم اين اي ٿيڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو