اسلام آباد / ڪراچي ( نمائندا ) وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز سميت 9 اهم سرڪاري ادارن جي نجڪاري هلندڙ سال ۾ ئي مڪمل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي نجڪاري روڪڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن جي دستاويزن مان پتو پيو آهي ته وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز سميت 9 اهم سرڪاري ادارن جي نجڪاري هلندڙ سال ۾ ئي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪرو ورتو آهي. جن ادارن جي هلندڙ سال ۾ جنڪاري ڪرڻي آهي تن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز، ايس ايم بئنڪ، فرسٽ وومين بئنڪ، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، جناح ڪنوينشن سينٽر، سروسز انٽرنيشل هوٽل، بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر جا پاور پلانٽ به شامل آهن. دستاويزن موجب چين جي ٻن ۽ روس جي هڪ ڪمپني اسٽيل ملز خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. اسٽيل ملز جي نجڪاري لاءِ هلندڙ سال جون جي مهيني ۾ٻولي لڳڻ جو امڪان آهي ۽ سيپٽمبر ۾ ئي ان جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ سيڙپ ڪندڙن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ پهرئين مرحلي ۾ هلندڙ سال ۾ ئي اپريل تائين ايس ايم اي بئنڪ جي نجڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فرسٽ وومين بئنڪ ۽ هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي نجڪاري پڻ هلندڙ سال جي آڪٽوبر کان سيپٽمبر جي مهيني تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، ان کان علاوه جناح ڪنوينشن سينٽر لاءِ مارڪيٽنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ان جي نجڪاري مڪمل ڪرڻ لاءِ آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. سروسز انٽرنيشل هوٽل جي نجڪاري جو عمل هلندڙ سال مارچ ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، ان جي نجڪاري لاءِ ٻولي ۾ حصو وٺڻ لاءِ 6 ڪمپنيون ڪواليفائي ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر جا پاور پلانٽ ايندڙ مهيني وڪرو ٿي ويندا . ٻي پاسي پيپلز پارٽي ادارن جي نجڪاري روڪڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ پ پ سينيٽر رضا رباني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مران خان ملڪ بجاءِ پنهنجي اي ٽي ايمز کي فائدو پهچائڻ چاهي ٿو، ملڪ ۾ آءِ ايم ايف جي ايجنڊا هلڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) ۽ حڪومت ۾ معاهدي جو ڪنهن کي پتو نه آهي. ملڪ ۾ آءِ ايم ايف جي ايجنڊا هلڻ نه ڏينداسين، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ واپڊا جي امڪاني نجڪاري جي عمل کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا، حڪومت جي ان قدم خلاف هر حد تائين وينداسين. هن چيو ته سڀني ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، اهو عمل اڳتي هلي نيشنل سيڪيورٽي رسڪ ٿي سگهي ٿو، نجڪاري کان اڳ معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آڻڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز ڪيس ۾ واضح طور چيو آهي ته معاملو سي سي آءِ ۾ وڃڻ لازمي آهي، هن وقت جيڪا به نجڪاري ڪئي پئي وڃي، اها غير آئيني آهي.
143