حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته 9 فيبروري تي حيدرآباد ۾ پي ڊي ايم جو عظيم الشان جلسو ٿيندو، جنهن ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل سمورين جماعتن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جيڪو جلسو تاريخي ثابت ٿيندو، اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو جي رهائشگاهه تي حيدرآباد ڊويزن جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جهڙي ريت نيب سنڌ جا ڪيس اسلام آباد ۾ هلائي رهي آهي، اهڙي طرح پنجاب جا ڪيس به سنڌ ۾ هلايا وڃن. هن چيو ته مهانگائي ۾ ته بي پناهه اضافو ڪيو پيو وڃي، پر پگهارن ۾ اضافو نه پيو ٿئي، هي ناڪام حڪومت آهي، اڍائي ورهين ۾ عوام جي حالت خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت مان جان آجي ڪرائڻ جا 2 طريقا آهن، هڪ ته اسيمبلي ۾ عدم اعتماد ۽ ٻيو عوامي دٻاءُ ذريعي هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته اسان هٿ سان تيل جون قيمتون وڌايون آهن، نه ته ملڪ جو مالي خساري وڌي وڃي ها، هڪ مهيني اندر هن حڪومت 3 ڀيرا تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته 9 فيبروري تي ٿيندڙ جلسو تحريڪ انصاف جي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو، جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز سميت پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا اڳواڻ خطاب ڪندا. ٻئي طرف پ پ حيدرآباد ڊويزن جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ 9 فيبروري تي حيدرآباد جي هٽڙي باءِ پاس تي پي ڊي ايم جي ٿيندڙ احتجاجي جلسي جي انتظامن ۽ ڪارڪنن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي جي اڳواڻي ۾ جلسا آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جا سيد علي نواز شاهه، سينيٽر مولا بخش چانڊيو، نعمان شيخ، شگفته جماڻي، شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، صغير قريشي، دوست علي جيسر، سيد طارق شاهه ڄاموٽ، جبار خان ۽ علي محمد سهتو ميمبر هوندا، پ پ جي صوبائي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه جي اڳواڻي ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ڪميٽي ۾ آفتاب خانزادو ۽ احسان ابڙو شامل هوندا.
207