حيدرآباد/قاسم آباد (رپورٽ: جاني خاصخيلي، جي ايم گاڏهي) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ باهه لڳڻ جا 2 واقعا پيش آيا، قاسم آباد جي علي پيلس واري علائقي ۾ رانديڪن جي دڪان مٿان قائم پلاسٽڪ جي گدام کي باهه وڪوڙي وئي، قاسم آباد جي علائقي علي پيلس وٽ قائم ون ڊالر شاپ نالي دڪان مٿان پلاسٽڪ جي گدام کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. باهه سبب دڪان مٿان پيل پلاسٽڪ جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. باهه جي شدت سبب آسمان تي دونهي جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا جڏهن ته ڀرپاسي وارن گهرن توڙي دڪاندارن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. اطلاع تي فائربرگيڊ جي ٻن گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته باهه لڳل دڪان جي ويجهو رهندڙ گهرن جي بجلي به ڪاٽي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو باهه واقعي کانپوءِ متاثر علائقي ۾ پهتو، جتي هن باهه جي نتيجي ۾ سڙي زخمي ٿيل 32 سالن جي شعيب هاشمي سميت ٻن زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال اماڻڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ڊي سي اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد گدا حسين سومرو کي حڪم ڏنو ته هو معاملي جي جاچ ڪري کيس رپورٽ پيش ڪري. باهه جو ٻيو واقعو بلديا ٿاڻي جي حد ڪنڀار پاڙي ۾ پيش آيو جتي پڻ اوچتو پلال جي بيٺل جهنگ کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب 150 ميٽرن تي بيٺل جهنگ سڙي رک ٿي ويو. باهه کانپوءِ ڀرپاسي ۾ رهندڙ شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا، جنن فائربرگيڊ کي اطلاع ڏنو. فائربرگيڊ جي ٽن گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو، ڪنڀار پاڙي ۾ لڳل باهه سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر ان علائقي ۾ جهنگ ڀرسان قائم ڪجهه جهڳيون پڻ متاثر ٿيون.
180