110

(ن) ليگ بي اعتماد واري رٿ پراڻي تجويز قرار ڏئي ڇڏي، لانگ مارچ تي زور

لاهور(م ڊ) ن ليگ بلاول ڀٽو جي بي اعتمادي رٿ واري تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي ۽ ان  حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪرڻ تي زور پڻ ڏنو آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عطا الله تارڙ سان گڏ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي تجويز پراڻي آهي. بلاول ڀٽو جي ان تجويز تي پي ڊي ايم ۾ ئي بحث ڪري اتفاقِ راءِ سان ئي ڪو فيصلو ڪيو ويندو. ن ليگ سمجهي ٿي ته  جيڪڏهن بلاول وٽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ  لاءِ  نمبر  پورا آهن ۽ ايترا ميمبر موجود آهن ته ضرور  پيش ڪري، سينيٽ ۾ به اسان جا نمبر پورا ٿيڻ جي باوجود بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي هئي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي هٽائڻ لاءِ هڪ ئي فيصلائتي واٽ لانگ مارچ آهي ان تي ئي عمل ڪرڻ گهرجي. لانگ مارچ لاءِ مارچ وارو مهينو ئي ڀلو آهي ۽ حڪومت جي خلاف فيصلائتو  لانگ مارچ ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پاناما پڻ فراڊ هو ۽ براڊ شيٽ پڻ فراڊ ئي آهي. حڪومت رڳو  ڌيان هٽائڻ لاءِ ئي اهو معاملو اٿاري رهي آهي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته براڊ شيٽ جي معاملي احتساب جي اصليت وڃائي ڇڏي آهي، دنيا پريشان آهي ته هي ڪنهن جي رياست آهي جنهن ۾ اهڙا معاهدا ڪيا ويندا آهن جو بنا ڪنهن محنت جي ڪنهن ڌر کي 20 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي. هن حڪومت ان معاملي تي عمل  جي لاءِ ڦڙتي ڏيکاري ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ئي ناڻو هائي ڪميشن جي اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏيو، پي آءِ اي جو معاملو به ٽياڪڙ عدالت ۾ آهي.هڪ جهاز جي ليز جو ناڻو جمع نه ڪرايو ويو ۽ ڪيترن ئي مسافرن کي پرڏيهي ايئرپورٽ تي خوار ڪيو ويو،  جيئن براڊ شيٽ جي معاملي تي ڀرپور ڦڙتي ڏيکاري وئي، جهاز واري معاملي ۾ به اهڙي ئي ڦڙتي ڏيکارڻ گهرجي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو