180

حڪومت روسي ڪورونا ويڪسين جي هنگامي طور استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان روس جي ڪورونا ويڪسين ”اسپوٽنڪ“ جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جي رجسٽريشن بورڊ طرفان اي جي پي فارماسيوٽيڪل ڪمپني کي ويڪسين گهرائڻ جي اجازت ڏني. اختيارين مطابق روسي ويڪسين ڪورونا وبا خلاف 92 سيڪڙو اثرائتي آهي، پنجاهه هزار خوراڪن تي ٻڌل پهرين کيپ هلندڙ مهيني جي آخر تائين پاڪستان پهچي ويندي، ويڪسين کي ڪاٽو 18 ڊگري تي اسٽور ڪرڻ لازمي هوندو. روس جي اسپوٽنڪ فائيو ڪوڊ 19 ويڪسين ملڪ ۾ هنگامي استعمال لاءِ منظور ٿيڻ واري ٽئين ويڪسين بڻجي چڪي آهي. ٻئي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته روسي ويڪسين ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ٻيڻي اگهه تي مهيا ڪرڻ جو خدشو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو