اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪنهن ۾ به وزيراعظم خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ ڻڻ جي همٿ ناهي. ٽوئيٽ ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مخالف ڌر وٽ نه حڪمت عملي آهي ۽ نه ئي پلان، هو استعيفائن کان شروع ٿيا ۽ جلسن تي وڃي بيٺا، هاڻي اتي به ٺاپر ٿي ته عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڪنهن ماءَ جي پٽ ۾ همٿ آهي ته هو وزيراعظم خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ آڻي، اوهان سڄي عمر قيد ۽ نااهلي کان بچي ويا ته غنيمت هوندي.
172