218

راولپنڊي ۾ نوجوان جي مبينا فائرنگ ۾ پيءُ ۽ ڀاءُ قتل، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ نوجوان جي مبينا فائرنگ ۾ پيءُ ۽ ڀاءُ قتل ٿي ويا آهن، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق راولپنڊي ۾ ڪار چوڪ وٽ ڪار شوروم تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شوروم جو مالڪ شريف ۽ سندس پٽ عديل موقعي تي ئي دم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته فائرنگ شريف جي ٻئي پٽ ڪئي ۽ فرار ٿي ويو. پوليس مطابق ٻنهي مقتولن جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جلد ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو