171

حڪومت ۽ ايجنسين کي دوکو ڏئي نواز شريف لنڊن وڃي ويهي رهيو آهي: اعظم سواتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ ايجنسين کي دوکو ڏئي نواز شريف لنڊن وڃي ويهي رهيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اعظم سواتي جو  چوڻ هو ته 3 ڀيرا وزيراعظم بڻجندڙ نواز شريف دوکيباز نڪتو آهي، هو حڪومت ۽ ايجنسين کي دوکو ڏئي لنڊن وڃي ويهي رهيو آهي، عدالت کان ڀڄندڙ سزا يافتا جي ڌيءُ وطن جي ڇا خدمت ڪندي؟ هن چيو ته مريم نواز پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ مولانا سميت ٻين ٺڳن کي کڻي ٻوڙيندي، جيڪڏهن پي ڊي ايم وارا اسلام آباد آيا ته سندن منهن ڪار ٿي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو