181

ڪراچي مان 2 سال اڳ اغوا ڪيل 12 ورهين جي نينگري بازياب، جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان 2 سال اڳ اغوا ڪيل 12 ورهين جي نينگري بازياب کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق منگهو پير واري علائقي مان 2 سال اڳ اغوا ڪيل 12 ورهين جي نينگري کي بازياب ڪرايو ويو آهي، نينگري جي اغوا ۾ ملوث جوابدار مهراب ۽ عاصمه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق اغوا جو ڪيس مغوي جي ڀاءُ علي محمد جي فرياد تي منگهوپير ٿاڻي تي داخل هو، جڏهن ته اغوا ڪندڙ ڪير ٻيا نه پر فريادي جي زال ۽ سهرو آهن. پوليس مطابق فريادي جي سهري ننڍي عمر ۾ نينگري سان نڪاح به ڪيو، اغوا وارو واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو