209

گردشي قرض، صنعتن لاءِ سستي بجلي ۽ غريب عوام

ليکڪ: محمد فاروق ٻرڙو

جيتوڻيڪ حڪومتي دعوائون سامھون اچي رھيون آھن ته  حڪومت گردشي قرضن تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي ته  ٻي طرف آءِ ايم ايف پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته  ملڪ ۾ ھن وقت گردشي قرضن جو ڪاٿو 2 ھزار 266 ارب رپيا آهي، ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف پاڪستان سرڪار کان گھر ڪئي آهي ته  پاڪستان توانائي شعبي جي گردشي قرضن ۾ ھڪ ھزار ارب رپين جي گھٽتائي آڻي ۽ ان جي ادائيگي لاءِ بجلي جي اگھن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري يا ٻيو آپشن اھو آھي ته  پاڪستاني حڪومت پنهنجي وسيلن مان گردشي قرضن جي مد ۾ ھڪ ھزار ارب رپيا ادا ڪري، ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته  جيڪڏهن ادائگي نه  ڪئي وئي ته پوءِ آءِ  ايم ايف سان پروگرام شروع ٿيڻ جا امڪان نظر نه  ٿا اچن. ھوڏانھن توانائي واري وزارت پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته  گردشي قرض ھٿن مان نڪري ويا آهن، موجوده حڪومت ۾ گردشي قرضن ۾ ھڪ ھزار 139 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي، ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته  رڳو گذريل ٽن مھينن اندر سرڪيولر قرضن ۾ 116ارب رپيا واڌ ٿي آهي، مالي سال 2019ع جي پھرين ڇھن مھينن ۾ گردشي قرض 288 ارب رپيا ھو، ٻين ڇھن مھينن ۾ 198 ارب رپيا واڌ ٿي مالي سال 2020ع جي پھرين ڇھن مھينن ۾ گردشي قرض 243 ارب  ۽ پوئين ڇھن مھينن ۾ 494 ارب رپيا قرض وڌيو، ھڪ طرف ملڪ ۾ گردشي قرضن ۾ ڏينھون ڏينهن ٿيندڙ واڌ ۽ ٻي طرف آءِ  ايم ايف پاران بجلي جا اگهه وڌائڻ لاءِ وڌل دٻاءَ جي ھوندي وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ وڏين، وچولين، ۽ ننڍين صنعتن کي 25 کان 50 سيڪڙو رعايت سان بجلي فراهم ڪرڻ وارو خاص پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي صنعت کي گھڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي پھرين نومبر کان جون مھيني تائين 50 سيڪڙو رعايت سان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته  وڏين صنعتن کي گھڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي 2019ع جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو رعايت سان بجلي ڏني ويندي يعني گڏيل طور تي سمورين صنعتن کي ايندڙ ٽن سالن تائين رعايت سان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته  ھاڻي سمورين صنعتن کي 24 ڪلاڪ پي آورز طور بجلي مھيا ڪئي ويندي.  بھرحال اسان ملڪ جي گردشي قرض آءِ ايم ايف جي دٻاءَ ۽ وزيراعظم پاران صنعتن کي رعايتي اگھن تي بجلي فراهم ڪرڻ واري اعلان کي سامهون رکي جڏهن جائزو وٺون ٿا ته  اسان کي خبر نه ٿي پوي ته  اھڙي خطرناڪ معاشي صورتحال ۾ وزيراعظم صنعتن کي رعايتي اگھن تي بجلي فراهم ڪرڻ واري جيڪا ڳالهھ ڪئي آهي تنهن تي اھو عمل به ڪري سگھندو يا نه؟ اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم جي معاشي ٽيم صنعتڪارن کي ملڪ جي گردشي قرضن بابت حقيقي ڄاڻ ۽ انگ اکر ٻڌائڻ بدران صنعتڪارن پاران حڪومت تي وڌل دٻاءَ کي قبول ڪري وقتي طور تي ته صنعتڪارن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن ته وزيراعظم صنعتڪارن لاءِ جنهن پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي ان تي عمل پھرين نومبر کان شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته اسان وٽ نومبر کان وٺي مارچ تائين ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ رھي ٿي ۽ ڊيمن مان پاڻي جي گھٽ خارج ٿيڻ جي ڪري بجلي جي پيداوار ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ٿئي ٿي، جنهن ڪري اسان وٽ لوڊشيڊنگ جي عرصي ۾ نه رڳو اضافو ڪرڻو پئي ٿو پر ملڪ ۾ بجلي تي ھلندڙ ڪاروهنوار به سخت متاثر ٿئي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ اھو ڪيئن ممڪن آهي ته صنعتن کي 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪري سگھجي يا صنعتن کي رعايتي اگھن تي بجلي فراهم ڪرڻ واري پئڪيج تي عمل ڪري سگھبو، اسان ان حوالي سان ته حڪومتي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا ته صنعتڪارن کي رعايتي اگھن ۾ بجلي فراهم ڪرڻ سان صنعتي عمل وڌيڪ تيز ٿيندو ۽ صنعت ڪار ججھي انگ ۾ مال تيار ڪري سگھندا، جنھن سان ڏيساور ويندڙ مال ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جيڪو ملڪ جي ڏٻري معيشت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان ڪري اسان صنعتن کي سستي اگهه تي بجلي فراهم ڪرڻ تي ارھا ته نه آھيون پر اھو ضرور سوچيون ٿا ته جيئن وزيراعظم اڪثر موقعن تي غريبن جون معاشي حالتون سڌارڻ جو ذڪر ڪندو رھندو آھي، جنهن ڪري اميد اھا ڪئي پئي وئي ته حڪومت جيڪي به فيصلا ڪندي اھي غريب ماڻهن کي مٿي آڻڻ وارا فيصلا ھوندا، جڏهن ته حڪومت غريبن کي بجلي جي اگھن ۾ رعايت ڏيڻ بدران صنعتڪارن کي بجلي جي اگهھ ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ وارو اعلان ڪري غريبن کي به ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھوندو ان ڪري وزيراعظم کي غريبن کي به بجلي ۾ رعايت ڏيڻ لاءِ ڪو نه ڪو پيڪيج ضرور ڏيڻ گهرجي، اھڙي ريت جڏهن صنعتڪارن کي بجلي جي اگھن ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوءِ حڪومتي سطح تي صنعتڪارن کي اھي به ھدايتون ڪرڻ گھرجن ته پنھنجن مصنوعات جي قيمتن ۾ رعايت ڪن ته جيئن عام واهپي واريون شيون سستيون ٿي سگھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو