239

اسٽيل مل جي نيلامي جون مڪمل ٿيل تياريون…

ايڊيٽوريل

آخرڪار پاڪستان جي اهم اداري اسٽيل مل جو ڪوبه حل نه نڪري سگهيو آهي ۽ وفاقي حڪومت ان کي وڪرو ڪري پنهنجي جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز سميت 9 اهم سرڪاري ادارن جي نجڪاري هلندڙ سال ۾ ئي ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. نجڪاري ڪميشن جي دستاويزن مان پتو پيو آهي ته  جن ادارن جي هلندڙ سال ۾ نجڪاري ڪرڻي آهي تن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز، ايس ايم بئنڪ، فرسٽ وومين بئنڪ، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، جناح ڪنوينشن سينٽر، سروسز انٽرنيشل هوٽل،  بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر جا پاور پلانٽ به شامل آهن. دستاويزن موجب چين جي ٻن ۽ روس جي هڪ ڪمپني اسٽيل ملز خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي.  اسٽيل ملز جي نجڪاري لاءِ هلندڙ سال جون جي مهيني ۾ ٻولي لڳڻ ۽ سيپٽمبر ۾ ان جي نجڪاري جو عمل مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ سيڙپ ڪندڙن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ پهرئين مرحلي ۾ هلندڙ سال ۾ ئي اپريل تائين ايس ايم اي بئنڪ جي نجڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو  آهي. فرسٽ وومين بئنڪ ۽ هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي نجڪاري پڻ هلندڙ سال جي آڪٽوبر کان سيپٽمبر جي مهيني تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، ان کان علاوه جناح ڪنوينشن سينٽر لاءِ مارڪيٽنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ان جي نجڪاري  مڪمل ڪرڻ لاءِ آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. سروسز انٽرنيشل هوٽل جي نجڪاري جو عمل هلندڙ سال مارچ ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، ان جي نجڪاري لاءِ ٻولي ۾ حصو وٺڻ لاءِ 6 ڪمپنيون ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن، جڏهن ته  بلوڪي پاور پلانٽ ۽ حويلي بهادر جا پاور پلانٽ ايندڙ مهيني وڪرو ٿي ويندا.

حڪومت جي اهڙي فيصلي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر ادارن جو حال پورو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اُهي وڌيڪ سرڪاري تحويل ۾ هلڻ ممڪن ناهن يا وري انهن کي ڄاڻي واڻي ان منزل تي پهچايو ويو آهي. ٻيا ادارا پنهنجي جاءِ تي پر اسٽيل مل پاڪستان جو هڪ اهم عالمي ادارو آهي، جيڪو 1973ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اڳوڻي ڪميونسٽ سوويت يونين تحفي طور ڏنو هو ته جيئن پاڪستان اندر پورهيتن کي روزگار سان لڳائي سگهجي. اڳوڻي سوويت يونين جي ڪميونسٽن دنيا جي ڪجهه ملڪن جي پورهيتن کي روزگار ڏيڻ لاءِ اسٽيل ملون ڏنيون هيون، جن ۾ پاڪستان سرفهرست هيو. شروعاتي مرحلي ۾ سوويت يونين نه فقط مل نصب ڪئي، پر مالي مدد به ڏني ۽ فني سهڪار به فراهم ڪيو، جڏهن ته اُهو ادارو هلائي باضابطه پاڪستان جي حوالي ڪيو ويو، پر بدقمستي اِها آهي ته شهيد ڀٽو جي هِن نشاني کي اسان جو ملڪ سنڀالي نه سگهيو ۽ هر ايندڙ ويندڙ حڪومت مل جو اهڙو حشر ڪيو جو مرڳو ان جو تختو ئي نڪري ويو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي جڏهن سڄي ملڪ اندر ننڍيون وڏيون خانگي ملون هلي رهيون آهن ته پوءِ هن عظيم ملز جو ڪيئن ٻيڙو ٻڏو؟ بس اِهو هڪ ڊگهو ظلم جو داستان آهي، جنهن جو شڪار هِن وقت سڀ ڌريون ٿيون آهن. اسان جي ذاتي خواهش اِها آهي ته هِن ملز کي سنڌ حڪومت کي خريد ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جو ادارو سنڌ وٽ ئي رهي. جيڪڏهن هِن اداري کي ايمانداريءَ سان بهتر نموني هلايو وڃي ته جڏهن ٻيا ڪاروبار هلي سگهن ٿا ته هي ڇو نه ٿو هلي سگهي. جيڪا ٽيڪنالاجي پاڪستان اسٽيل ملز وٽ آهي، اها ملڪ اندر ڪنهن به ملز وٽ ڪونهي. بهرحال بيوس بار اٺن به ڇڏيا آهن. اڄ ملز جنهن منزل تي پهتي آهي يا جنهن تي ان کي پهچايو ويو آهي اُهو هڪ ڏکوئيندڙ عمل آهي ۽ ملڪ جي هِن اهم اداري جي وڪري ٿيڻ سان پورهيتن سميت هر ماڻهوءَ کي ضرور ڏک رسندو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اُها ان سلسلي ۾ ڪا اڳڀرائي ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي زمين جي پڻ ان کي مالڪي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اُها ڪنهن ڌاري ڪمپني حوالي نه ٿي وڃي. ادارن جو وڪرو ٿيڻ هڪ الميو آهي، بس ان تي سواءِ رنج ڪرڻ جي ٻيو ڇا ڪري سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو