159

ٽرمپ کي تاريخ ڪيئن ياد رکندي؟

ترجمو: عزيز ڏاهري

20 جنوري 2021ع تي صدر ٽرمپ جي دور جي پڄاڻي  ٿي، شايد اهو چوڻ غلط نه هجي ته آمريڪا لاءِ ڄاڻايل 4 سال طوفاني رهيا، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته  صدر ٽرمپ جي ميراث ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اهو سوال ايترو آسان به نه آهي، ان لاءِ اسان ڪجهه ماهرن کان وضاحت گهري، ميٿيو ڪوئنٽينٽي آمريڪن انٽرپرائيز انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل آهي، جتي هو ريپبلڪن پارٽي جي ارتقا ۽ آمريڪا جي ڪنزرويٽو تحريڪ تي ڪم ڪري رهيو آهي،  کانئس اسان پڇيو ته ٽرمپ جي اهم ميراث ڪهڙي آهي؟ سندس چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي اهڙي صدر طور ياد رکيو ويندو جنهن جو هڪ نه پر 2 ڀيرا مواخذو ٿيو، هن صدر بائيڊن جي چونڊن جي تصديق جي موقعي تي پنهنجي حامين کي احتجاج ڪرڻ لاءِ واشنگٽن گهرايو ۽ انهن کي چيو ته اهي ٻانهن جي ٻل تي پنهنجي ملڪ جو ڪنٽرول حاصل ڪري سگهندا ۽ جڏهن سندس حامين ڪيپيٽل هل تي حملو ڪيو ته هو بيٺو ڏسندو رهيو ۽ آمريڪا جي آئيني حڪومت جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي.جڏهن تاريخدان سندس  صدارت بابت لکندا ته هو واشنگٽن ۾  ٿيندڙ فسادن جي زاويي سان لکندا، اهي آلٽ رائٽ سان ٽرمپ جي تعلق، 2017ع ۾ شارلٽسول ۾ ٿيندڙ احتجاج، کاٻي ڌر جي پرتشدد ۽ انتهاپسندي ۾ واڌ ۽ سازشي بيانيي جي پکيڙ تي پنهنجو ڌيان ڄمائي رکندا ۽ ڪهڙي ڳالهه ياد رهندي؟ واري سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ماضي جي صدرن وانگر عزت ۽ فراخدليءَ سان ۽ پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي يقيني بڻائي هجي ها ته شايد کيس هڪ خلل وجهندڙ عوامي ليڊر جي طور تي ياد ڪيو وڃي ها، هڪ اهڙو صدر جنهن وبا کان اڳ اقتصادي بهتري جا ڏينهن ڏيکاريا، آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپي کي نئون رخ ڏنو، دهشتگردن خلاف موثر ڪارروائي ڪئي، آمريڪا جي خلائي پروگرام ۾ جدت آندي، آمريڪي سپريم ڪورٽ جي رخ جو تعين ڪيو ۽ آپريشن وارپ اسپيڊ جي سربراهي ڪئي ته جيئن ڪورونا خلاف ويڪسين رڪارڊ وقت ۾ تيار ٿي سگهي، لارا بيل مونٽ ورجينيا تاريخ جي پروفيسر ۽ ٽيڪ ڪاليج آف لبرل آرٽس اينڊ هيومن سائنسز جي سربراهه آهي، هوءَ ثقافتي سفارتڪاريءَ بابت ڪتابن جي مصنف به آهي، هن چيو ته ٽرمپ جي اهم ميراث ڪهڙي آهي، سندس اهم ميراث آمريڪا جي عالمي قيادت تان هٿ کڻڻ جي ڪوشش ۽ ان جي جاءِ اندر طرف ڏسڻ واري ذهنيت هئي. مون کي نٿو لڳي ته هو ان ۾ ڪامياب ٿيو پر سوال اهو آهي ته ان رويي سان آمريڪا جي عالمي ساک ڪيتري حد تائين متاثر ٿي. ان جو جواب وقت ئي ڏيندو، منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ لمحا اهي هئا جڏهن ته ٽرمپ 2018ع ۾ هل سنڪي ۾ ٿيندڙ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ آمريڪي چونڊن ۾ روسي مداخلت جي سوال تي آمريڪا ڳجهن ادارن جي جاءِ تي روسي صدر جي موقف جي حمايت ڪئي. مون کي نٿو لڳي ته ماضي جي ڪنهن به صدر ائين ڪيو هوندو. اهو ان حملي جو حصو هو، جيڪو صدر ٽرمپ ٻين ڪيترن ادارن ۽ ٺاهن تي به ڪيو، جهڙوڪ ماحول جي تحفظ لاءِ ٿيندڙ پئرس معاهدي ۽ ايران جي ائٽمي ٺاهه کان عليحدگي هئي ۽ ڪهڙي ڳالهه ياد رهندي بابت چيائين ته جهڙي طرح ٽرمپ ترڪ صدر رجب طيب اردوآن، برازيل جي صدر بالسانارو جون تعريفون ڪيون ۽ اتر ڪوريا جي ليڊر ڪم جونگ ان سان ملاقات ڪئي ۽ اهڙين حڪومتن سان آمريڪا کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي روايتي طور تي آمريڪي قدرن جي نفي ڪن ٿيون، منهنجي خيال ۾ اهو ڪافي منفرد هو. ڪيٿرن برونيل پرڊيو يونيورسٽي ۾ تاريخ جي پروفيسر آهي ۽ ميڊيا، سياست ۽ پاپولر ڪلچر وچ ۾ لاڳاپن ۽ آمريڪي صدارت تي فوڪس ڪري ٿي، ان جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ ريپبلڪن پارٽي ۾ ان جي حامين ۽ قدامت پسند ميڊيا آمريڪي جمهوريت کي اهڙي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال اڳ نٿو ملي، آئون تاريخدان آهيان ۽ ميڊيا جي وچ ۾ تعلق جو مطالعو ڪريان ٿي، جهڙي صدر ٽرمپ لکين ماڻهن کي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو آهي ته جعلي بيانيو ئي دراصل سچ آهي اهو انتهائي حيران ڪندڙ آهي، 6 جنوري تي ڪيپيٽل هل ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو گذريل 4 سالن جي واقعن جو نتيجو هو، جنهن دوران ٽرمپ فعال انداز ۾ غلط بياني ۽ غلط معلومات کي وڌايو. هن چيو ته جڏهن ته ٽرمپ انتظاميا جي اقتدار ۾ اچڻ جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد ڪيلي اين ڪانوي اوباما ۽ ٽرمپ جي حلف برداري تي ايندڙ ماڻهن جي انگ جي ڳالهه ڪندي متبادل حقيقتن جو ذڪر ڪيو اها ڳالهه ياد رکڻ جي آهي، 20 هين صديءَ ۾ صدر پاليسين ۽ واقعن کي مثبت انداز ۾ پيش ڪرڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا ۽ ميڊيا طرفان جاري ٿينڊڙ بيانيي کي به ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو چوڻ ته حڪومت کي متبادل حقيقتون پيش ڪرڻ جو حق آهي ان کان گهڻو اڳتي وڃي ٿو ۽ اهو ان ڳالهه جو به اشارو هو ته صدر ٽرمپ غلط بيانيي ذريعي ئي حڪومت ڪرڻ وارو هو. ٽرمپ سوشل ميڊيا جي طاقت جو به موثر انداز ۾ اهڙي طرح استعمال ڪيو جو سياست ۽ تفريح جي وچ ۾ فرق ڌنڌلو پئجي ويو ۽ هو سڌو سنئون پنهنجي حامين سان مخاطب ٿي سگهيو، سائي ڪرشنا پرڪاش يونيورسٽي آف ورجينيا لا اسڪول ۾ قانون جي پروفيسر آهي، جيڪا آئيني قانون، پرڏيهي معاملن جي قانون ۽ صدارتي اختيارن تي ڌيان رکي ٿي سندس چوڻ آهي ته ٽرمپ جي صدارت جا آخري لمحا سڀ کان اهم آهن، ڇو ته هو اڃا به پنهنجي حامين تي ڪنٽرول رکي ٿو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هن ماڻهن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته صدارت جي عهدي جو مطلب ڇا بڻجي ويو، جيڪو بش يا اوباما جي دور ۾ نه ٿي سگهيو هو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مواخذي ۽ 25 هين ترميم بابت ڪلنٽن کانپوءِ ته ڪا ڳالهه به نه ٿي هئي، ٿي سگهي ٿو ته ماڻهن جو صدارت بابت سوچڻ جو انداز تبديل ٿي وڃي، ڇو ته هاڻ سڀ ڄاڻين ٿا ته مستقبل ۾ به ٿي سگهي ٿو ته ٽرمپ جهڙو ڪو صدر بڻجي وڃي، ٿي سگهي ٿو ته ڪانگريس صدر جي اختيارين ۾ گهٽتائي به ڪري، هن چيو ته صدر ٽرمپ جي ڪري اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته ملڪ ۾ هڪ طبقو آهي جيڪو ڪيترن ئي واپاري ٺاهن جي خلاف آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهن جيڪو کين انهن ٺاهن مان نڪرڻ يا وري انهن ٺاهن کي بهتر بڻائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، صدر اهو به چيو هو ته چين آمريڪا مان فائدو کڻي رهيو آهي، جنهن سان ملڪ جي معاشي ۽ قومي سيڪيورٽي ۽ سالميت کي خطرو آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته ان ڳالهه سان تقريبن سڀ آمريڪي متفق آهن، ڪير به اهو نه چاهيندو ته انهن مٿان چين آڏو نرم هجڻ جو الزام لڳي، يعني اوهان جو رويو ڪئناڊا سان نرم ٿي سگهي ٿو پر چين سان نه، مون کي لڳي ٿو ته سڀ ئي اها دعويٰ ڪندا ته هو چين جي آڏو سختيءَ سان بيٺل آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ هو چين سان سختي ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو