لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني واسي 2 ڏينهن جو ڄاول ٻار شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته وارثن پاران ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي فوتي ٻار جي پيءُ راشد حسين مگسي پنهنجي ڀاءُ ساجد حسين مگسي، طاهر حسين مگسي ۽ ٻين گڏجي دانهيندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ گهر واري جي ڊليوري بعد پٽ جي اولاد ٿيو، جنهن کي ساهه جي تڪليف سبب شيخ زيد چلڊرين اسپتال داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته اسپتال داخل ڪرائڻ تي پٽ کي آڪسيجن نه ملي ۽ نه ئي سندس جو بهتر علاج ڪيو ويو جنهن ڪري پٽ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي پٽ کي ماري ظلم ڪيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
278